سکر (بيورو رپورٽ) سائيٽ ايريا ٿاڻي جي حد ۾ هٿياربندن فائرنگ ڪري هڪ ڄڻي کي قتل ڪري ڇڏيو. سائيٽ ايريا ٿاڻي جي پوليس تصديق ڪندي ٻڌايو ڳوٺ نهال خان کوسو ۾ هٿياربندنجي فائرنگ ۾ گوليون لڳڻ سبب عمران کوسو قتل ٿي ويو آهي. مقتول جي وارثن پوليس کي اطلاع ڏنو آهي ته واقعو پراڻي دشمني تان پيش آيو آهي، وڌيڪ جاچ ڪن ڪئي پئي وڃي، مقتول جو لاش پوسٽ مارٽم لاءِ سول اسپتال منتقل ڪيو ويو جتان قانوني ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو. پوليس طرفان نشاندهي ته مختلف هنڌن تي جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڇاپن وارو سلسلو جاري آهي.