شادي لارج (ن پ ا)  پ پ ايم اين اي مير غلام علي ٽالپر  جي هڪ ڀيرو ٻيهر پ پ بدين جي اڳواڻن تي ڇتي تنقيد جي ويڊيو وائرل  ٿي وئي آهي. مير غلام علي ٽالپر يوم تاسيس جي پروگرام ۾ خطاب دوران جذباتي ٿي ويو، هن چيو ته هتي جيڪي به اڳواڻ يا چونڊيل نمائندا آهن انهن کي پارٽي جي آئين ۽ پاليسي جي خبر ئي ناهي نه ئي وري انهن پارٽي جو آئين پڙهيو آهي. هن تقرير دوران اهو به چيو ته پارٽي جو آئين چوي ٿو ته ڪو به اڳواڻ پنھنجو ذاتي ڪم پارٽي آفيس يا عهدو نه ٿو استعمال ڪري سگهي پر هتي جا اڳواڻ آئين جي ابتڙ هلي رهيا آهن. ٻين ضلعن ۾ چونڊيل نمائندن کي موچڙا لڳا آهن گاريون ملن پيون اهي پنهنجي تڪن ۾ نه نه ٿا وڃي سگهن، پر بدين جا ورڪر مٺڙا ورڪر آهن جيڪي هنن کي برداشت ڪري ويٺا آهن. نه ته بدين ۾ هنن کي روڊن تي نڪرڻ نه ڏين. هن اهو به چيو ته پيپلزپارٽي سان تعلق رکندڙ بدين جو ڪو به اڳواڻ ڪم نه ٿو ڪري نه ئي عوامي نمائندو آهي هن پنهنجي پاڻ کي به نشانو ٺاهندي چيو ته آئون پاڻ به اعتراف ڪريان ٿو ته مون به ڪم ناهن ڪيا صرف هڪ سال ڪم ڪيو ته بيمار ٿي پيس، ڪرونا ٿيڻ ڪري محدود ٿي ويس ياد رهي ته ته ڪجهه عرصو اڳ به پ پ ايم اين اي مير غلام علي ٽالپر بدين جي ٻين پ پ اڳواڻن کي گهوگهو قرار ڏنو هو جنهن کانپوءِ پارٽي قيادت جي ناراضگي کانپوءِ پ پ ايم اين اي معافي پڻ گهري هئي.