شھدادپور (ن پ ا) شھدادپور ڀرسان زميندار جي اوطاق مان ملازم جو ڦاهو کاڌل لاش هٿ، وارثن پاران آپگهات قرار، خبر موجب ڳوٺ شجاع جکرو ۾ 35 ورهين جي عرس ڪيريو جو زميندار جي اوطاق مان ڦاهو لڳل لاش هٿ آيو، اطلاع تي پوليس پهچي مڙهه تحويل ۾ وٺي سمس اسپتال منتقل ڪيو، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو، نوجوان جي ڀاءُ غلام مصطفيٰ ٻڌايو ته سندس ڀاءُ کي ڪا به پريشاني نه هئي، خبر ناهي هن ڇو آپگهات ڪيو، پوليس موجب فوتي نوجوان زميندار رحيم ڀنڀرو وٽ ڪيتري ئي عرصي کان بورچي طور ڪم ڪندو هو ۽ سندس اوطاق ۾ رهندو هو، پوليس موجب ٽريڪٽر ٽرالي جي اينگلار مان رسو به هٿ ڪيو ويو آهي، وارث واقعي کي آپگهات قرار ڏئي رهيا آهن.