سکر(بيورو رپورٽ) مسلم ليگ ن جي اڳواڻ مريم نواز خلاف بغاوت جو ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ عدالت ۾ درخواست داخل ڪرائڻ وارو معاملو، عدالت درخواست کي ٻڌڻي جوڳو قرار ڏيندي مريم نواز سميت ڌرين کي 10 مارچ تي پيش ٿي جواب داخل ڪرائڻ لاءِ نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا. تحريڪ انصاف سکر ضلعي جي صدر ايڊووڪيٽ ظھير محمد بابر طرفان سکر جي عدالت ۾ پٽيشن داخل ڪرائيندي موقف اختيار ڪيو ھو ته مريم نواز تقريرين ۾ عدليا ۽ پاڪ فوج خلاف ٽارگيٽ بڻائي رھي آھي، سندن ساک کي نقصان پھچائڻ سان گڏ عوام کي ادارن خلاف ڀڙڪائڻ جي ڪوشش ڪري رھي آھي تنھن ڪري مٿس بغاوت جو ڪيس داخل ڪيو وڃي. وڪيل ظھير محمد بابر مطابق عدالت مريم نواز، ايس ايڇ او ماڊل ٽائون لاهور، ايس ايس پي سکر، ايف آءِ اي آفيسرن ڏانھن نوٽيس جاري ڪندي 10 مارچ تي پيش ٿي جواب داخل ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آھي.