اسلام آباد(بيورو رپورٽ) خيبرپختونخواھ ۽ پنجاب اسيمبلي جي عام چونڊن لاءِ اليڪشن ڪميشن سياسي جماعتن کان چونڊ نشان لاءِ درخواستون طلب ڪري ورتون. اليڪشن ڪميشن خيبرپختونخواھ اسيمبلي جي چونڊن لاءِ سياسي جماعتن کان انتخابي نشان لاءِ درخواستون 8 مارچ تائين جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪئي وئي آھي ، درخواست سان گڏ عورتن کي 5 سيڪڙو پارٽي ٽڪيٽ ڏيڻ جو حلفي بيان به لڳائڻ جو سياسي پارٽين کي پابند ڪيو ويو آھي.