اسلام آباد(بيورورپورٽ) سُپريم ڪورٽ جي جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ۽ جسٽس يحييٰ آفريدي بئنچ جي جوڙجڪ بابت ڪيس جو لکت ۾ حڪم جاري ڪري ڇڏيو آهي. گذريل ڏينهن جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ۽ جسٽس يحييٰ آفريدي تي ٻڌل بئنچ نوٽيس ورتو هو ۽ ٻڌڻي ڪئي هئي. لکت ۾ جاري ڪيل حڪم ۾ جسٽس يحييٰ آفريدي چيو آهي ته جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي راءِ جو احترام ڪريان ٿو. ٻه رڪني بئنچ فيصلي ۾ ڄاڻايو آهي ته بئنچ جي جوڙجڪ ۽ ڪيس جي مقرري ۾ شفافيت قائم ڪئي وڃي، عدالت جي وقار ۽ آزادي لاءِ شفافيت ضروري آهي. تحريري فيصلي ۾ چيو ويو 28 هين فيبروري تي جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ۽ جسٽس حسن اظهر رضوي آڏو 11 ڪيس مقرر هئا، جسٽس يحييٰ آفريدي جي سربراهي ۾ ٽي رڪني بئنچ هئي پر انهن ٻنهي بئنچن کي تبديل ڪيو ويو. لکت ۾ جاري ڪيل فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته جسٽس حسن رضوي کي هٽائي بئنچ ۾ جسٽس يحييٰ آفريدي کي شامل ڪيو ويو ۽ جسٽس يحييٰ کان جونيئر جسٽس مظاهر اڪبر نقوي جي سربراهي ۾ بئنچ جوڙي وئي. فيصلي جي متن موجب بئنچن جي اوچتو ٻيهر جوڙجڪ واري معاملي تي رجسٽرار عشرت علي لاڳاپيل رڪارڊ سان گڏ طلب ڪيو ويو، عدالتي بئنچ رجسٽرار کان پڇاڻو ڪيو ته بئنچز ۾ تبديلون ڇو ڪيون ويون؟ جنهن تي رجسٽرار چيو ته چيف جسٽس اسٽاف آفيسر ارشاد ذريعي چيو ته بئنچ تبديلي جو نوٽ تيار ڪيو وڃي، بئنچ تبديلي بابت نوٽ ٺاهي چيف جسٽس ڏانهن منظوري لاءِ موڪليو. لکت ۾ جاري ڪيل فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته رجسٽرار روسٽر جو ڪاغذ پيش ڪيو ۽ ان تي رڳو اِهو لکيل هو ته ” منظوري لاءِ پيش ڪيو وڃي ٿو.” رجسٽرار چيو ته چيف جسٽس جي انيشلز سان ان نوٽ جي منظوري ڏني وئي، دستاويز ۾ بئنچز تبديل ڪرڻ جو ڪو به سبب نه ڄاڻايو ويوهو. فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته ٻن وڪيلن مولوي انوار الحق ۽ آفتاب عالم ياسر جي مدد سان سُپريم ڪورٽ رولز پڙهيا ويا. فيصلي ۾ قرار ڏنو ويو آهي ته سُپريم ڪورٽ رولز تحت چيف جسٽس يا رجسٽرار کي اختيار ناهي ته جج جي بئنچ تبديل ڪري يا ميمبر گهٽائي. جسٽس فائز لکيو ته آرٽيڪل 191 هجي يا ڪو ٻيو آرٽيڪل رجسٽرار يان چيف جسٽس کي اختيار ناهي ته هو ڪا بئنچ يا ڪيس فڪس ڪن، رجسٽرار تسلي وارو جواب نه ڏئي سگهيو بئنچن جي جوڙجڪ ۽ ڪيسن جي مقرري ۾ شفافيت آندي وڃي. فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته ڪيس مئنيجمنٽ ڪاميٽي بابت اجلاس ۾ ڪاميٽي رپورٽ جمع ڪرائي جيڪا 22 جولاءِ تي چيف جسٽس کي منظوري لاءِ اماڻي وئي پر اڃا تائين منظور نه ڪئي وئي آهي.