سکر (بيورو رپورٽ) سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بئنچ گهرواريءَ کي قتل ڪيس ۾ عمر قيد جي سزا ٻڌايل جوابدار کي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. جوابدار جان محمد وساڻ 10 سالن کان جيل ۾ قيد هو. ان ڏس ۾ وڪيل شبير علي بوزدار مطابق سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بئنچ فرسٽ ايڊيشنل سيشن جج خيرپور جي عدالت طرفان جوابدار کي عمر قيد ۽ هڪ لک ڏنڊ جي ڏنل فيصلي کي ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو آهي.  سال 2010 ۾ جوابدار جان محمد وساڻ مٿان پنهنجي ساٿين سان گڏجي مسمات زڪيا کي قتل ڪرڻ جو الزام هو. مقتول مسمات زڪيا عرف نجمه جي والد دين محمد وساڻ ڪنب ٿاڻي تي جان محمد، حنيف ۽ لطيف ڏنو مٿان نياڻي جي قتل جو ڪيس داخل ڪرايو هو. فرسٽ ايڊيشنل سيشن جج خيرپور جي عدالت 26 سيپٽمبر سال 2019ع ۾ جوابدار کي عمر قيد ۽ هڪ لک رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي هئي. وڪيل شبير علي بوزدار سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بئنچ وڪيلن جا دليل ٻڌڻ بعد ماتحت عدالت جي فيصلي کي ڪالعدم قرار ڏيندي گرفتار جوابدار جان محمد وساڻ کي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي.