جهڏو (ن پ ا) جهڏو ويجهو پرائمري اسڪول جي ڇت جا چاپڙ ڌماڪي سان ڪري پيا، ٻار اسيمبلي ۾ هجڻ سبب محفوظ رهيا، خبر موجب ڳوٺ گهنور خان پتافي ۾ پرائمري اسڪول گهنور خان پتافي ۾ اسڪول جي ڪلاس روم جي ڇت جا چاپڙ اوچتو ڌماڪي سان ڪري پيا، جڏهن ته اسڪولي شاگرد ۽ استاد اسيمبلي ۾ هجڻ ڪري محفوظ رهيا، ڳوٺاڻن جو چوڻ آهي ته ڄاڻايل اسڪول 1986 ۾ تعمير ٿيو هو، جنهن کانپوءِ اسڪول جي عمارت جي ڪا به مرمت ناهي ڪرائي وئي، هنن چيو ته اسڪول جي زبون حالي بابت تعليم کاتي جي آفيسرن کي بار بار شڪايتون ڪيون ويون پر ڪنهن به ڌيان نه ڏنو آهي، هنن مطالبو ڪيو ته اسڪول جي نئين عمارت ڏني وڃي.