ملير(رپورٽر) ملير ٽينٽ سٽي ۾ ترسايل  برسات متاثر ٽينٽ سٽي خالي ڪرائڻ خلاف ۽ سهولتن جي فراهمي لاءِ  روڊن تي  نڪري آيا، مظاهرو: سوين گاڏيون بيهجي ويون، ان موقعي تي ٻوڏ متاثرن احسان علي،  فياض مگسي ۽ ٻين چيو ته برساتي ٻوڏ سبب  اسان جا اجها ڊهي پٽ پيا آهن،  اسان جي ڳوٺن ۾ هن مهل تائين پاڻي بيٺل آهي، حڪومت ٽينٽ سٽي ۾ رهائڻ جا واعدا ڪيا هئا ، هاڻي ٽينٽ سٽي جي بجلي بند ڪري سهولتون ختم ڪيون ويون آهن ، اسان کي سخت ٿڏ ۾ ڏکيائن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي، هنن چيو ته انتظاميا اسان کي ٽينٽ سٽي مان زبردستي لڏائڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي، اسان کي مليل سهولتون ختم ڪيون ويون آهن،  اسان کي مجبور ڪيو پيو وڃي ته هتان لڏي هليا وڃون، اسان جي ڪير به مدد ڪرڻ لاءِ تيار ناهي،  هنن سنڌ جي وڏي وزير کي اپيل ڪئي ته جيستائين اسان جي ڳوٺن مان پاڻي نه ٿو نڪري، تيستائين اسان کي ٽينٽ سٽي ۾ رهڻ ڏنو وڃي، ساڳئي وقت اسان کي مليل سهولتون بحال ڪيون وڃن ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪنداسين.