سچل سرمست رحه جي عرس جي مناسبت سان … سچل سچي ڳالهه عشق دي، ٻيا مڙئي پنڌ اجايا…!

0
397
سچل سرمست رحه جي عرس جي مناسبت سان ... سچل سچي ڳالهه عشق دي، ٻيا مڙئي پنڌ اجايا...!

  عشق جي وصف ايتري وسيع آهي، جيتري هيءَ ڪائنات..! ۽ عقل ان ڪهڪشان جيان آهي، جنهن ۾ ڪيترائي نظامِ شمسي پنهنجي مخصوص ڪششِ ثقل جي دائرن ۾ وچڙيل، ويڙهيل ۽ ورهايل هوندا آهن. عقل حواسن جو محتاج، دليلن جي دلبي بازيءَ ۽ بيان بازيءَ تي ٻڌل هوندو آهي، جڏهن ته عشق جي اُڏام عقيدن کان به اڳتي جو معمو ۽ مام آهي. عقل هڪ پروليءَ جيان آهي، جنهن جي پردن ۽ ڳنڍين کي ٿورڙي مشقت سان ڦاڙي ۽ کولي سگهجي ٿو، جڏهن ته عشق هڪ ڳنڀير ڳجهارت جيان آهي، جنهن جي ڳجهه کي ڳولي لهڻ هر هڪ جي وس جي ڳالهه ناهي. ڪيترائي فلسفي، دانشور عقل ۽ عشق کي هڪٻئي جو متضاد ۽ مخالف سمجهن ٿا پر انهن مان ڪن جو خيال آهي ته عشق ۽ عقل ٻنهي جي وچ ۾ هم آهنگي ڳولهڻ يا پيدا ڪرڻ ئي اصل مام کي پروڙڻ آهي. انهيءَ “سرچ فار ڪامن گرائونڊ” تائين پهچڻ سان ئي سڀ “ڪنفلڪٽ” (تڪرار) ختم ٿي وڃن ٿا، جنهن بعد ئي عشق امام بڻجي عقل کي اُمتي بڻائي پنهنجي منزل ڏانهن روانو ٿئي ٿو، پوءِ اهو پورو سفر دل جي سوچ ۽ دماغ جي چاهت سان بلڪل ائين ڪٽجي ٿو، جيئن ڪجهه سال اڳ ۾ برما ڄائي ليکڪ گيان ڪُمار پنهنجي ڪتاب جو ٽائيٽل ئي اهو رکيو آهي ته Think from the Heart, Love from the Mind  يعني دل سان سوچيو ۽ دماغ سان پيار ڪيو.

درازا جو درويش حضرت سچل سرمست عشق کي هڪ امام ۽ رهبر جي حيثيت ۾ ڏسي ٿو. سندس نظر ۾ عشق کان سواءِ نه ٻيو ڪو حال آهي ۽ نه ئي ڪو ڪمال. اهڙي صورتحال کي هن طريقي سان بيان ڪيو اٿس:

عشق   هي   امام   ميرا،   ديگر امام ڪيا هي

ميخانه  مين   هوا،   جرعه  يا   جام   ڪيا  هي

بغير عشق  دي،  ڏوجها ڪوئي ڪمال  نهين

نهين جو عشق، ته اي دوست تيڏا حال نهين

جتي عشق کي امام جي حيثيت مليل هجي، اتي عقل جي اهميت صرف هڪ اُمتيءَ يا جماعتيءَ جيتري هوندي آهي. سچل سرمست جي اهڙي شاعريءَ جو ٻين شاعرن پاران پڻ اثر قبول ڪندي عشق کي تمثيلي طور تي امام ئي پيش ڪيو ويو آهي. جيئن مانجهي فقير لغاريءَ پڻ پنهنجي شاعريءَ ۾ چيو آهي:

عشق  امام،  بن  هر  مام،  رو رام ريجھايا،

دُوئِي دُور، ٿَئِي وهلور، حج حُضور پڙهايا.

ڪتابن ۾ پڙهجي ٿو ته عشق جي شروعات مجاز کان ٿيندي آهي ۽ مجازي عشق جو عروج عشقِ حقيقي جو رستو ڏيکاريندو آهي. مجازي عشق ڪنهن صورت سان مشروط هوندو آهي، جيڪو اکين جي حُسن ۾ سمائجي دل اندر پيار ۽ محبت جو احساس جاڳائي ٿو. اهڙن احساسن جي نتيجي ۾ دماغ جي ڪنهن حصي مان هارمون ڦُٽي نڪرن ٿا، جنهن جي بنياد تي عقل ان مجازي عشق جي بيعت ڪري هوش ۽ حواسن سان ان کي قبولي ٿو. مجازي عشق اصل ۾ عشقِ حقيقي جو اولڙو يا پاڇو آهي، ٺيڪ اهڙي طرح جيئن صورت مٽجي مورت بڻجي پوي، وري اڳتي هلي ھڪ وقت اچڻ تي صورت ۽ مورت پاڻ ۾ رَلي مِلي ٻئي وجود وڃائي هڪ ٿي وڃن ٿا. جئين سچل سرمست چيو آهي:

اصل الله مئون آدمي، ثابت صورتن،

مورتَ صورتَ هڪ ٿئي، ڏسج دل نيڻن

سو ئي ڏسڻ وارو، سو منظور مڃن

خالي ڪا نه جاءِ ٿي، بنا محبوبن

سڀڪنهن هنڌين سُپرين، ڇا جي جاءِ حُسن.

صورت ۽ مورت جي پس منظر ۾ هڪٻي جاءِ تي سچل سرمست چوي ٿو:

حڪم هلي ٿو جيئن سڀن، سو ڪر پيدا پاڻ،

صورت سان سُڃاڻ، منهن ڪري مورت کي.

وحدت الوجود جي سچي پرچارڪ انا الحق جو نعرو نروار ڪندڙ سچل سرمست وٽ عشق جا قدر آفاقي آهن، جنھن کي ڪنهن عقل جي ڪسوٽيءَ تي ماپي ۽ توري نٿو سگهجي. جيئن ڀٽائيءَ چيو آهي ته، “عشق ناهي راند جو کيڏن ڳڀرو”، يعني عشق ڪا ٻاراڻي راند ناهي. ساڳيءَ طرح سچل پڻ چوي ٿو ته عشق ڪرڻ يا عاشق سڏائڻ ڪو سولو ڪم ناهي.

سچو  سارا  مشڪل  بازي  عاشق  نام سڏاون،

عاشق نام سڏاوڻ سوکا، اوکا اس پر رهڻا هي.

سچل جو مُريد نماڻو فقير پڻ ساڳئي اثر هيٺ رهي چوي ٿو ته :

عشق نه سمجهو چهريون گجران،

هت سودو سر جو آهي،

هي راز ڪو لکن ۾ سڃاڻي،

سچ نماڻا اهو آهي.

سچل جي نظر ۾ عشق سواءِ ٻيا پنڌ ۽ ڪم ڪار سڀ اجايا آھن، سڀ سرگرميون عشق جي چوڌاريءَ ڦِرن ٿيون. تڏھن پاڻ فرمايو اٿس؛ “سچل سچي ڳالهه عشق دي، ٻيا مڙئي پنڌ اجايا “.

حضرت سچل سرمست عاشقن جي دنيا جو هڪ اهم يگانو شاعر، صوفي درويش ۽ عاشق ٿي گذريو آھي، جنهن وٽ لافاني عشق ازل کان وٺي آهي ۽ ابد تائين رهندو، تڏھن ته سچل هر دم محبوب کي ياد ڪرڻ جي تلقين ڪندي چو ٿو:

جو دم غافل سو دم ڪافر،

ساڪون مرشد اي فرمايا..!

وري چوي ٿو:

عشق لڳئي ته ڪر آمين،

نا منجهه ڪفر نا منجهه دين.

عشقِ خداوندي يا عشق الاهي جي واٽ تي هلندي جڏهن حقيقي عشق جو عاشق وحدت ڏانهن وڌي ٿو ته منزل جي پُڄڻ کان اڳ عشق جي آڳ (باهه) ۾ جلي خاڪ ۽ خيال بڻجي پوي ٿو، انهيءَ صورتحال جي پس منظر ۾ سچل چوي ٿو:

مين تان ڪوئي خيال هان،

ملسان نال خيال دي.

اهڙيءَ طرح نماڻي فقير جي تسلسل جو فقير راضي سائين پڻ چوي ٿو:

ات رلي وڃي ذات سان،

جاءِ جهلي نه جسم ..!

سچل مدهوش ٿي هوش ۾ ايندو هو ۽ هوش ۾ ايندي مدهوش ٿي ويندو هو. هن پوري حياتي عشق جي مدهوشيءَ ۾ گذاري. تڏهن دنيا کيس “سرمست” جي لقب سان سڃاڻي ٿي. سچل ان عشق لاءِ چوي ٿو ته، “بن عشق دلبر ڪي، سچل ڪيا ڪُفر ڪيا اسلام هي..” سچل علم ۽ عقل کي صرف ڪتابن تائين محدود ڪو نه سمجهيو، بلڪه هُن پنهنجي پاڻ کي پڙهي سڃاڻڻ واري علم کي فوقيت ڏني آهي، “قاضي ساڙ ڪتابان ڪون، هڻ مرشد ايوين فرمايا..!” سچل جي نظر ۾ عشق ھڪ اوکو مشغلو آھي، جنھن جي خبر ڪنھن ڪمبخت کي نٿي پئجي سگھي. سندس چواڻي، اهڙي عشق جي نشي جي خبر صرف عاشق ئي ڄاڻن.

نشي عشق دي عاشق ڄاڻن، ڪل ڪيهي ڪم بختان نون

سچل سائين درازن جي ديس ۽ اڳوڻي خيرپور رياست جي سهراباڻين (ٽالپر حُڪمرانن) جي دور جو وڏي ۾ وڏو باغي شاعر هو، سندس مختلف ٻولين ۾ 9 لک، 36 هزار، 6 سئو، 6 شعر ٻُڌايا وڃن ٿا. سچل سرمست کي عام طور تي هفت زبان شاعر پڻ سڏيو وڃي ٿو پر ڪجهه تحقيق ڪندڙن موجب سچل سرمست صرف چئن ٻولين ۾ شاعري  ڪئي آهي.