سوال/سروي … بڪتربند مان گوليون پار ٿي ويون، پوليس جو نقصان ٿيو، جاچ ٿيڻ گهرجي، ڌاڙيلن جو خاتمو ڪيو وڃي: عوام

0
16
بڪتربند مان گوليون پار ٿي ويون، پوليس جو نقصان ٿيو، جاچ ٿيڻ گهرجي، ڌاڙيلن جو خاتمو ڪيو وڃي: عوام

ڊيلي پنهنجي اخبار جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته ڪنڌڪوٽ: دراني مهر ڪچي ۾ آپريشن، ايس ايڇ او شهيد، 12 ڌاڙيل مارڻ جي دعويٰ: پوليس جي ان ڪارروائي کي اوهان ڪيئن ٿا ڏسو؟ جنهن تي اڪثر ماڻهن چيو ته پوليس جو سدائين نقصان ٿيو آهي، اي پي سي ۾ گوليون پار ٿي ويون، ناقص اي پي سي وٺندڙن جي ذميوارن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي، پوليس جي ڪارڪردگي بهتر آهي پر پوليس جي اندران ئي آپريشن کي نقصان پهچايو وڃي ٿو، اهڙن ماڻهن جو به پتو لڳايو وڃي، ڌاڙيلن جي آپريشن کان پهريان انهن ڀوتارن سردارن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي جيڪي ڌاڙيلن جا سهولت ڪار آهن.. ڌاڙيلن وٽ ايترا جديد قسم جا هٿيار ڪٿان ٿا اچن ان تي به ايڪشن کنيو وڃي، بهتر حڪمت عملي سان پوليس کي جديد هٿيار ڏئي ڌاڙيلن جو خاتمو ڪرڻ لاءِ اثرائتو آپريشن ڪيو وڃي، سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي علي بخش شر لکيو ته پوليس جي نوجوانن جي ڪارڪردگي بهتر آهي، شهيدن کي سرخ سلام پيش ڪجي ٿو ايس ايس پي عرفان سمون هڪ بهادر ايس ايس پي آهي، افسوس آهي سنڌ حڪومت تي جنهن پوليس نوجوانن کي ڪا به سهولت مهيا ناهي ڪئي جنهن ڪري جوان شهيد ٿيا، ايم اعجاز سومرو لکيو ته بهترين ڪارڪردگي، پنهنجي جوانن جا پلاند ڪيا، بشير ميراڻي لکيو ته پوليس جي ڪارڪردگي بهتر ناهي، ڪاريون رڍون پوليس ۾ موجود آهن تڏهن ته ڌاڙيلن اينٽي ايئر گوليون فائر ڪيون آهن، اصل ۾ انهن کي گوليون سپلائي ڪندڙ پوليس ئي آهي، مشاهد علي ملڪ لکيو ته ميرپورماٿيلو لڳ ڳوٺ درويش نائچ رهواسي ايس ايڇ او عبدالطيف ميراڻي ڪنڌ ڪوٽ جي ڪچي ۾ ڏوهارين هٿان شهيد ٿي ويو، حمادالله خان لکيو ته مقابلو سخت ھيو علائقو ميدان جنگ بڻيل رھيو علائقي واسي ٻاھر نڪري به نه پيا سگهن، بهرحال پوليس کي ھميشه موٽ ۾ پنهنجي نوجوانن جا لاش مليا آهن جيڪي اي پي سيز پوليس کي مليون آهن سي سڀ ناڪاره آهن جنهن جو ڪو به فائدو ناهي ۽ گولي آرام سان ان ۾ ڪراس ڪري پئي وڃي، نورمحمد شاهه لکيو ته اھا بھترين ڪارروائي ڪئي وئي آهي.شھيد ايس ايڇ او کي سرخ سلام پيش ڪريان ٿو. اميد ٿي ڪجي ته پوليس پنھنجو مورال بلند ڪندي ۽ ڏوھارين جو خاتمو ڪندي، موهن لال لکيو ته شهيد پوليس عملدار کي سرخ سلام، باقي پوليس موجب 12 ڌاڙيل ماريا آهن انهن جا لاش ڪٿي آهن انهن کي ظاهر ڇو نٿو ڪيو وڃي، جڏهن ته ايس ايڇ او جي شهادت اي پي سي چين گاڏي ۾ سوار هئڻ باوجود ٿي آهي، پوليس جي اي پي سي توڙي ناقص هٿيار ڌاڙيلن اڳيان ڪجهه به ناهي. حافظ اياز احمد لکيو ته ڌاڙيلن وٽ خطرناڪ هٿيارهن پوليس جونقصان ٿيندو، امر ذلف علي نهڙي لکيو ته جيستائين ڌاڙيلن جا ساٿاري گرفتار نٿا ٿين تيستائين ڪجهه به امن ڪونه ٿيندو سڀ کان پهرين ڌاڙيلن جي ساٿارين کي قانون جي ڪهٽڙي ۾ آڻي سخت سزا ڏني وڃي، فقير امام بخش سڪندري لکيو ته سنڌ حڪومت ۾ شامل وڏيرا ڀوتار سردار بدامني ٿا ڪرائن ۽ اهي ئي سمورن ڏوهن ۾ ڌاڙيلن سان ڀاڱي ڀائيوار آهن.. ڌاڙيلن جي آپريشن کان پهريان انهن ڀوتارن سردارن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي جيڪي ڌاڙيلن جا سهولت ڪار آهن.. عرفان انصاري لکيو ته سنڌ پوليس جو بهترين ڪم آهي، دانش سيال لکيو ته جيڪڏهن قانون ۽ سياست بدامني خلاف ھڪ ٿي وڃن ته ڌاڙيلن جي ڪا حيثيت ئي ناهي پر اسان جي ملڪ ۾ خود سياستدان ڌاڙيلن کي تيار ڪندا آھي پنھنجي مفاد لاءِ. الله سائين شھيدن جي مغفرت فرمائي ۽ جنت ۾ اعلي مقام عطا فرمائي، عرفان مهر لکيو ته ڪَچي آپريشن پوليس کي ڏنل جَديد اي پي سيز ، هن ڏوهه جا ڏوهاري جيستائين آزاد رهندا تيستائين پوليس جا جَوان شَهيد ٿيندا رهندا. جديد هٿيارن سان ليس ڌاڙيلن سان مقابلو ڪرڻ لاء پوليس کي سهولتون مڪمل ڏيڻ گهرجن، واحد جکراڻي لکيو ته شهيد پوليس وارن کي سرخ سلام، زخمين لاءِ دعائون، عامر تيوڻو لکيو ته جيسيتائين پوليس جو نظام صحيح نه ڪندا تيسيتائين ڪجھ نه ٿيندو اهو رڳو پبلسٽي هئي ڪچي جي ڌاڙيلن جا ساٿي به پوليس ۾ ويٺل ڪاري رڍون آهن، نور عمراڻي لکيو ته مختلف وقتن تي پنھنجن ئي جوانن کي مارائي ڪڌي ڪاروبار کي فروغ ڏنو پيو وڃي.. ڌاڙيلن جي پويان به وڏا ڌاڙيل ويٺل آھن جيڪي امن نٿا چاھن، فقير وقار ڏاهري لکيو ته ڪچي ۾ آپريشن جي اهو ڪنهن وڏي حڪمت عملي جوڙي ڪرڻ گهرجي ۽ اهو به معلوم ڪرڻ گهرجي ته ڌاڙيلن وٽ ايترا جديد قسم جا هٿيار ڪٿان ٿا اچن، مير مور رند لکيو ته سنڌ پوليس جي جوانن کي سرخ سلام سنڌ پوليس کي اگر وڏيرا شاهي کان آجو ڪرايو وڃي ته سنڌ پوليس سنڌ ۾ امان برقرار رکڻ جي مهارت رکي ٿي. مراد علي لکيو ته سنڌ پوليس پاران ڪنڌڪوٽ جي دراني مھر ڪچي م ٿيندڙ آپريشن م شھيد ٿيندڙ ايس ايڇ او کي سلام پيش ڪيون ٿا پر جيستائين ڌاڙيلن جا ساٿاري گرفتار نه ٿا ٿين پوليس پنهنجا جوان شھيد ڪرائيندي رهندي، راشد لطيف لکيو ته ڌاڙيلن جديد ھٿيارن سان بڪتر بند گاڏين کي ٽوڙي ڇڏيو، احسان لغاري لکيو ته پوليس ھميشا ڌاڙيلن کان پوئتي آھي، صرف مسڪينن لاءِ پوليس ڏاڍي آهي، عبدالحئي ساوند لکيو ته پاڻ وٽ سمورو نظام ئي اُبتو آھي جڏهن مڪمل تياري سان آپريشن نه ٿيندو ته ايئن ئي نقصان ٿيندو رهندو پوليس جا جوان ائين ئي شهيد ٿيندا رهندا. هيل تائين آپريشنن ۾ پوليس کي صرف ناڪامي ئي نصيب ٿي آھي. پوليس رينجرز ۽ فوج جو گڏيل آپريشن ڪيو وڃي ته ڪو امن ٿي سگهي، محمد عثمان مهر لکيو ته پوليس جو شھيد ٿيڻ به ھڪ وڏو واقعو آھي جيڪا بڪتربند گاڏي ھئي اھا به گوليون برداشت نه ڪري سگھي جيڪا جاچ ٿيڻ گھرجي ته ھي نيو گاڏيون ائين ڇو .يا ڌاڙيلن وٽ گورنمينٽ کان به وڌيڪ جديد ھٿيار آھن 12 ڌاڙيل مارڻ واري رڳو دعوا ئي آھي جيستائين ڪوئي لاش نظر نٿو اچي، رحمت الله لکيو ته اسان سمجهون ٿا ته ادارتي اختيارن ۾ ٻاهرين مداخلت بند ٿئي ته اهڙيون وارداتون ۽ ماحول نه جڙي، شيراز علي لکيو ته پنهنجا ئي دشمن آهن، صدام ملاح به سروي ۾ حصو ورتو، عرفان سيلرو لکيو ته سنڌ حڪومت ۾ شامل وڏيرا ڀوتار سردار بدامني ٿا ڪرائن، غلام حسين، استاد رحمت الله ناريجو ۽ غلام خان چانڊيو، محمد حسين، سيد منير شاهه، رستم علي راڄپر، محمد قاسم مگسي، علي عباسي، راجو ٺڪر، صدام سومرو به سروي ۾ حصو ورتو، عامر جوڳي لکيو ته پوليس نوجوانن تي فخر ۽ کين سلام پيش ڪريو ٿا ، پر افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته هر آئي ڏينهن پوليس جي نوجوان شهيد ڪيو پيو وڃي، اڳ شڪارپور جي ڳڙهي تيغو ۾ آپريشن دوران ٽي پوليس آفيسر مارجي ويا هئا، سيال غلام الله لکيو ته  سنڌ پوليس وٽ مشينري ناهي، آرمي جي آپريشن جي سخت ضرورت آهي، طارق عالم لکيو ته مختلف اشوز جنھن ۾ ، نامناسب پلاننگ، جديد اسلحي جو فقدان، آپريشن جي نت نين ٽيڪنڪس جو استعمال نه ڪرڻ ۽ ڪرپشن جي ڪري ھميشه پوليس جو نقصان ٿئي ٿو، فضل سبزوئي لکيو ته ڪنڌڪوٽ پوليس اهلڪارن جي شھادت تي دلي ڏک پھتو آهي، آءِ جي سنڌ ء سنڌ حڪومت جي ناقص پاليسين ۽ نااھلي سبب پوليس اھلڪار شھيد ٿيا آهن تقريبن ھڪ مھينو پھريان جيڪو اي پي سي چئين پوليس کي مليون انھيءَ ۾ گوليون پار ٿيون آهن، انهي جا ذميوار ڪير به پوليس آفيسر آهن، ڪوبه ڏوھاري نه مئو آهي اگر ڪوئي مري ھا ته لاشن جون تصويرون سوشل ميڊيا تي ضرور اچن ھا، فاروق سومرو لکيو ته سنڌ ۾ بدامني جي حوالي سان سنڌ ھاءِ ڪورٽ سکر بئنچ ۾ سکر ھاءِ ڪورٽ بار جي اڳوڻي جنرل سيڪريٽري ايڊووڪيٽ علي گل عباسي طرفان داخل ڪرائي وئي ھئي، جنھن ۾ عدالت رمارڪس ڏنا ھئا تت ڌاڙيلن جي سرپرستي ڪندڙ، باثر وڏيرن، سردارن، ڀوتارن کي گرفتار ڪيو وڃي، جديد ٽيڪنالاجي جي مدد سان انھن جي رابطن کي وائکو ڪيو وڃي، جيستائين انھن جي سرپرستن خلاف ڪاروائي نه ٿيندي تيستائين آپريشن نتيجا نه ڏئي سگھندا. ڪروڙين رپين جي لاڳت سان خريد ڪيل بڪتربند گاڏين جي صورتحال کي ڏسجي ته حيرت ٿيندي آھي جوانن کي ھٿ وٺي ڄڻ مارائڻ لاءِ اماڻيو وڃي ٿو، ذميوارن خلاف ڪاروائي ڪير ڪندو؟ واحد بخش نندواڻي لکيو ته وڏن آفيسرن جي ڪميشن مطابق ٽين دٻي مان ٺھيل بيڪار اي پي سي چين  سبب وڏو واقعو پيش آيو ان جي جاچ ٿيڻ گهرجي، اختر سنڌيار لکيو ته پوليس جي جوانن کي سنڌ گورنمينٽ ۽ آء جي ھٿ سان وٺي مارائي ٿو، ڪجھ ڏينھن پھريان ٻھ کرب رپيا سنڌ جي ڪچي جي ڌاڙيلن خلاف بجيٽ ۾ رکيا ويا ته جديد ھٿيار خريد ڪندا پر اڄ ٽين دٻن جھڙي اي پي سي چين ڏسي حيرت ٿي، سنڌي علي گل لکيو ته ڌاڙيل ماريا اٿن ته لاش ڪٿي آهن؟ اياز علي راهوجو لکيو ته انھن ڌاڙيلن جا لاش ڪٿي آھن، امر داس، مشاهد حسين، قمر نواز دائوداڻي به سروي ۾ حصو ورتو، ديدار علي دستي لکيو ته ٻڌڻ ۾ اچي ٿو ت پوليس وارا شهيد ٿيا آهن پر ڌاڙيل هڪ به ناهي مئو، سڪندر کوسو لکيو ته ڌاڙيلن جا لاش ته ڏيکارن، عرض محمد ٻرڙو لکيو ته ڌاڙيل ماريا ويا ته لاش ڪٿي آهن؟ محمد زمان لاشاري لکيو ته ڌاڙيلن جا لاش ڏسون ته يقين ٿئي، برڪت علي به راءِ جو اظهار ڪيو، مصطفيٰ شبير شر لکيو ته وفاقي حڪومت کان ويڙھاڪ جهاز ورتا وڃن ۽ فوج آپريشن کي ليڊ ڪري، شيراز شيخ لکيو ته پوليس جي ڪارڪردگي مايوس ڪندڙ آهي، سردار لطيف لکيو ته پوليس جوانن جي ڪوششون بھترين آھن پر جديد هٿيار نه هجڻ ڪري ناڪام ٿين ٿا، احمد بلوچ لکيو ته گهرو وزير کي هٽائڻ جو مطالبو ٿا ڪريو، اي پي سي مان گوليون ڪراس ٿيون آهن،  جاچ ڪميٽي جوڙي وڃي، شوڪت بلوچ ۽ حسين حسرت، دولهه دريا خان انڙ، به سروي ۾ حصو ورتو، مير ڌڻي بخش نصيراڻي لکيو ته ڪشمور پوليس سان عوام کي تعاون ڪرڻ گھرجي ھن وقت پوليس تي تنقيد ڪرڻ سان ڏوھارين کي ھٿي ملندي، وقاص ياسين آرائين، علي محمد کوسو، ايم عيسيٰ لنڊ، سميع الله، محمد فياض وساڻ، به سروي ۾ حصو ورتو، عطاءُالله لکيو ته پوليس جو شھيد ٿيڻ به ھڪ وڏو واقعو آھي جيڪا بڪتربند گاڏي ھئي اھا به گوليون برداشت نه ڪري سگھي ان جي جاچ ٿيڻ گهرجي، ڪامران حميد بلوچ، نظام الدين سبزوئي، عبدالحميد بلوچ، جاويد جان ڪيريو به سروي ۾ حصو ورتو.