Notes From Istanbul (Turkey) … ترڪيءَ جي ماڻهن جون دلچسپ رسمون ۽ رواج

0
365
Notes From Istanbul (Turkey) ... ترڪيءَ جي ماڻهن جون دلچسپ رسمون ۽ رواج

 دنيا جي هر ملڪ توڙي شهر جون پنهنجون روايتون ۽ رسمون هونديون آهن، اهي رسمون اهڙا ته ظاهري ۽ خوبصورت لاڳاپا هوندا آهن، جنهن سبب ڪنهن به قوم شهر يا ڳو‌‌‌ٺ جا ماڻهو پاڻ ۾ ڳنڍيل رهندا آهن، جن کي اسان “قوميت” سڏيندا آهيون. دنيا سمارٽ ورلڊ ۽ گلوبلائيزيشن جي جديد دور ڪيترين ئي پراڻين ۽ مقامي رسمن کي ختم ڪري ڇڏيو آهي، ڪيترين ۽ رسمن ۽ رواجن ۾ دنيا اندر نواڻ پڻ نظر اچي رهي آهي. گلوبلائيزيشن ۽ سياسي گهماگهمي سبب ڪيترن ئي ملڪن پنهنجي قديمي ريتن رسمن ۽ رواجن کي نظر انداز ڪري ڇڏيو آهي، پر اڄ به ڪجهه ملڪ اهڙا آهن، جن جي تهذيب ۽ ثقافت جي خوشبو اڃا تائين ماڻهن جي قومي وجود ۾ محسوس ٿئي ٿي. ترڪي ۾ گذريل 4 سالن جي منهنجي تجربي موجب هي ملڪ به اهڙن ملڪن مان هڪ آهي.ترڪي دنيا ۾ پنهنجي جاگرافي، تاريخ، تهذيب ۽ ثقافتي لحاظ کان تمام گهڻي اهميت رکي ٿو، هي هڪ اهڙو دلچسپ ملڪ آهي، جنهن جي جاگرافيائي بيهڪ هن کي ثقافتن ۽ تهذيبن جو سنگم بڻائي ڇڏيو آهي. ترڪي دنيا جي ٻن خطن يعني يورپ ۽ ايشيا کي پاڻ ۾ ملائي ٿو، جنهن سبب هن خطي جي ماڻهن، ريتن رسمن، تهذيب ۽ تمدن ۾ توهان کي نواڻ سان گڏ تاريخي جهلڪيون پڻ نظر اينديون. هزارين سالن جي تاريخ کان پوءِ هي رياست آئيني ۽ سيڪيولر جمهوريه جي حيثيت سان وجود ۾ آئي. هن ملڪ جي تهذيب ۽ ثقافت هتان جي ماڻهن لاءِ ڪنهن شاندار دولت کان گھٽ ناهي، شايد اهو ئي سبب آهي جو ا‌‌ڄ به ترڪ عوام پنهنجي روز مره جي زندگي ۾ پنهنجي قديمي ريتن رسمن کي ناهي وساريو. يورپ سان سنگم ۽ سيڪيولر وجود هجڻ باوجود هتان جو عوام پنهنجن ابن ڏاڏن جي ريتن رسمن کي نڀائڻ پنهنجو شان سمجهي ٿو.

هتي جي قديم رسمن بابت منهنجي دلچسپي ان وقت وڌي، جڏهن مون کي اهو ٻڌايو ويو ته منهنجي ترڪش ڪافي جي ڪوپ کي ڏسي هتان جا ماڻهون مون کي منهنجي قسمت ٻڌائي سگهن ٿا. ترڪي ۾ ڪافي جي ڪوپ کي ڏسي قسمت ٻڌائڻ جو رواج سوين سال پراڻو آهي، اهو رواج تڏهن شروع ٿئي ٿو، جڏهن توهان پنهنجي ڪافي مڪمل ڪري ڪوپ ٽيبل تي رکو ٿا، ان ڪوپ کي ترڪش ماڻهن پاران پليٽ سان ڍڪيو ويندو آهي ۽ ان جي ٿڌي ٿيڻ جو انتظار ڪيو ويندو آهي. پوءِ پليٽ کي هٽايو وڃي ٿو ۽ توهان جي مستقبل جو تعين ڪافي جي ڪوپ مٿان بچيل داغ مان ڪري سگهجي ٿو. توهان جي قسمت کي ڪو ماهر ئي وڌيڪ بهتر نموني ٻڌائي سگھي ٿو. خاص طور تي ان رواج مان دوستن ۽ دشمن بابت معلومات ڏني ويندي آهي، جنهن کي ترڪ قوم اڄ تائين مڃيندي اچي ٿي.ترڪ قوم جون سڀ کان وڌيڪ ريتون رسمون اسان سندن شادين دوران ڏ‌ٺيون آهن، هتي اڪثر شاديون خاندان کان ٻاهر ٿينديون آهن، پسند جي شادي هجي يا وري والدين جي پسند جي شادي، مڪمل ڌوم ڌام ۽ خلوص سان ملهائي ويندي آهي. هتي رشتو پڪو ٿيڻ لاءِ ڪنوار جو هٿ پڇڻ پراڻو رواج آهي، پر ترڪ اڃا تائين هن رواج جي پيروي ڪندا آهن. جنهن بعد ڪافي جي تقريب منعقد ٿيندي آهي، ان تقريب ۾ شاديءَ جو فيصلو ٿيڻ کان پوءِ جوڙي جا خاندان ٻيهر ملندا آهن، اها قديمي رسم پابندي سان ڪئي ويندي آهي، جنهن موجب گھوٽ پنهنجي ڪٽنب سميت ڪنوار جي گھر ايندو آهي ۽ ڪنوار سميت گھر جي سڀني ڀاتين کي گلن جا دستا ۽ چاڪليٽ ڏيندو آهي، جڏهن ته ڪنوار گھوٽ لاءِ ترڪش ڪافي ‌ٺاهيندي آهي. دلچسپ رسم اها آهي ته ڪنوار گھوٽ جي ڪافي ۾ تمام گھڻو لوڻ ملائيندي آهي ۽ گھوٽ کي اها ڪافي پيئڻي پوندي آهي.هتي شادي جي رسمن ۾ ميندي جي رات پڻ تمام اهم رسمن مان هڪ سمجھي وڃي ٿي، ميندي جي رات ڪنوار جي گهر ملهائي ويندي آهي، جنهن ۾ ڪنواريتا ۽ گھوٽيتا گڏ ٿي ڪنوار کي ميندي لائيندا آهن. ترڪي ۾ شادين دوران ميندي جي رسم کي ڪنوار لاءِ خوشنودي جي علامت سمجھيو وڃي ٿو ۽ ڪجهه ماڻهن جو چوڻ آهي ته اها رسم انهن لاءِ هڪ قسم جي نعمت آهي. جڏهن ته ان رسم دوران ترڪ ماڻهو پنهنجو ثقافتي رقص پڻ ڪندا آهن، ان رقص ۾ هو سڀ هڪ وڏو گول دائرو ‌‌ٺاهي هڪ ٻئي کي چيلهه ۾ ڀاڪر پائي ترڪش ناچ نچندا آهن، جڏهن ته اهو ناچ سڄي سڄي رات هلندو آهي. هتان جي عورتن ۾ سون جو ڏينهن تمام گھڻو مشهور آهي. هاڻي توهان سوچيندا هوندئو ته اهو وري ڪهڙو ڏينهن آهي؟ ترڪش عورتون سون جون تمام گھڻيون شوقين آهن، شادي ۾ به سون جي ڏي وٺ تمام گھڻي ڪئي ويندي آهي، خاص ڪري گھوٽ پنهنجي ڪنوار کي 30 تولن کان مٿي سون ڏئي. اهو هتي تمام ضروري آهي. پر سون جو ڏينهن هڪ الڳ قديمي رسمي ڏينهن آهي، جنهن جو تعلق زيورن سان نه پر سون، چاندي ۽ قيمتي سِڪن سان آهي. هي هڪ اهڙو ڏينهن آهي جيڪو ترڪش عورتون پنهنجي ميل جول لاءِ ملهائينديون آهن، ان ڏينهن کي ملهائڻ لاءِ اهي پنهنجي پاڙيسري سهيليءَ جي گهر قيمتي سڪا کڻي گڏجنديون آهن. ترڪي جون عورتون پاڻ ۾ ملاقات جو خاص ڏينهن طئي ڪنديون آهن، جنهن ۾ هو ميزبان عورت جي گھر وينديون آهن ۽ سمورا سڪا کيس تحفي ۾ ڏينديون آهن، جڏهن ته بدلي ۾ هو ميزبان عورت جي گھر جي دعوت مان لطف اندوز ٿينديون آهن. اهڙي ريت هر گڏجاڻي ۾ مهمان بدلي ۾ ميزبان لاءِ سون جو سڪو آڻيندو آهي ۽ اهو دائرو هلندو رهندو آهي ۽ ميزبان جو گھر تبديل ٿيندو رهندو آهي. ان گڏجاڻي جو مقصد هڪٻئي سان رابطي ۾ رهڻ، ميل جول رکڻ ۽ هڪٻئي جي صحبت مان سکڻ هوندو آهي، جڏهن ته سڪا هونئن به ڪنهن به هڪ عورت جي ملڪيت ناهن رهندا ۽ اهو رواج سوين سالن کان هلي رهيو آهي.هتان جي مردن ۾ به ميل جول قائم رکڻ لاءِ هڪ رواج موجود آهي، هي رسم ترڪي جي ڏکڻ اوڀر ۾، خاص طور تي سنهورفا صوبي ۾ ٿيندي آهي. هن ۾ رات جي دوران گوشت جا طعام ٺاهيا ويندا آهن ۽ رڪي جيڪا هڪ مشهور ترڪش مشروب آهي، اها پيتي ويندي آهي. ان دعوتي ميل جول دوران مرد کائيندا پيئندا، گيت ڳائيندا، رانديون کيڏندا ۽ ساز وڄائيندا آهن. ترڪش مرد پنهنجي ان گڏجاڻي دوران پئسا پڻ گڏ ڪندا آهن، جيڪي ڪنهن به غريب جي مدد ڪرڻ لاءِ، ڪنهن شاديءَ ۾ سهڪار ڪرڻ لاءِ، ڪنهن جنازي جي تدفين جو انتظام ڪرڻ لاءِ استعمال ڪيا ويندا آهن. اهڙي ريت ترڪش ٻيون به ڪيتريون ئي ريتون ۽ رسمون اڄ به ملهائن ٿا، جن ۾ گهرن اندر نظر کان بچڻ ۽ نظر لاهڻ جا قديمي طريقا، اشارن ۾ ڳالهه سمجھائڻ جا رواج، عيد جي ڏينهن ٻارن ۾ خرچي ۽ چاڪليٽ ورهائڻ، رمضان ڪريم جي مهيني ۾ سحري دوران دهل وڄائي ماڻهن کي اٿارڻ سميت ڪيترائي ٻيا به رواج شامل آهن.

[email protected]