نواب شاهه/سڪرنڊ (نمائندن وٽان) صدر پاڪستان ڊاڪٽر عارف علوي  سڪرنڊ ۾ پاڪستان آرمي پاران قائم ڪيل ٽينٽ سٽي جو دورو ڪيو، جنهن دوران ڊپٽي ڪمشنر نواب شاهه صدر کي بريفنگ ڏني، ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي صدر عارف علوي چيو ته سڄي سنڌ جو دورو ڪيو آھي، برسات تمام گھڻي تباھي ڪئي، جڏھن ته سڀ کان وڌيڪ نقصان زراعت جو ٿيو آھي، 80 سيڪڙو زراعت تباهه ٿي آھي، جنھن ڪري ملڪ ۾ مھانگائي وڌي پئي، هن چيو ته پورھيت طبقو تمام وڌيڪ متاثر ٿيو آھي، ھن چيو ته اسان جي خواھش آھي ته جيڪي به برسات متاثر آھن انھن کي پنھنجي گھرن ۾ پھچايون، ان موقعي تي صدر برسات متاثرن لاءِ 5 ڪروڙ امداد جو اعلان ڪيو،