ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس احمد علي شيخ جي سربراهي ۾ 2 رڪني بينچ سنڌ ۾ ٻوڏ متاثرن جي امداد ۽ رليف جي ڪمن بابت داخل ڪيل درخواست جي ٻڌڻي دوران ٺٽي، بدين ۽ ملير جي ڊپٽي ڪمشنرن طرفان جواب داخل ڪرائڻ بعد ڄاڻايل ڪيس جو فيصلو محفوظ ڪري ڇڏيو، ڪالهه ٻڌڻي دوران درخواست گذار ايڊووڪيٽ شاھد سومرو عدالت کي ٻڌايو ته سنڌ حڪومت جي ڪمن ۾ رڪاوٽ وجهڻ نٿا چاهيون، اسان چاهيون ٿا ته حڪومتي ڪم صحيح رخ ۾ ٿئي،بي گهر ٿيل ٻوڏ متاثرن کي مختلف هنڌن تي رکڻ بدران ٽينٽ سٽي ۾ منتقل ڪيو وڃي. ايڊوڪيٽ شاھد سومرو وڌيڪ موقف اختيار ڪيو ته سنڌ حڪومت جي پنهنجي رپورٽ آهي ته هڪ ڪروڙ ماڻهو متاثر ٿيا آهن، جڏهن ته ملير جو ڊي سي چئي رهيو آهي ته ڪراچي ۾ رڳو پنج هزار ٻوڏ متاثر آيا آهن. ڪالهه هڪ وزير چيو ته  ڪراچي ۾ هڪ ڪروڙ ماڻهن کي ترسائي نٿا سگهون. ان موقعي تي عدالت درخواستگذار شاھد سومرو کان پڇيو ته ڇا اوهان کي پتو آهي ته ملندڙ پرڏيهي امداد ڪنهن وٽ وڃي رهي آهي؟ جنهن تي وڪيل شاھد سومرو چيو ته اها امداد وفاقي حڪومت جي اداري اين ڊي ايم اي وٽ وڃي رهي آهي، اسان ڄاڻايل درخواست ۾ اين ڊي ايم اي کي به ڌر بڻايو آهي. چيف جسٽس ريمارڪس ڏيندي چيو ته پهريان متاثرن جي جامع سروي ٿيندي، اها رپورٽ اچڻ تائين حڪومت کي وقت ڏيو، ان موقعي تي درخواستگذار جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته سکر ۽ لاڙڪاڻي ڊويزن جي سرڪٽ بينچن جا فيصلا اچي چڪا آهن، ڪراچي ڊويزن لاءِ به اهڙو آرڊر ڪيو وڃي.