غوثپور (ن  پ ا) غوثپور جي جنگڻ ٿاڻي جي حد مان ٻه ڏينهن اڳ اغوا ٿيل غلام نبي شيخ ۽ ڀورو شيخ جي ڏوهارين وڊيو وائرل ڪري ڇڏي آهي،ڏوهار زنجيرن سان ٻڌل مغوين کي وڊيو ۾ تشدد ڪندي نظر اچي رهيا آهن،وڊيو ۾ مغوي ايس ايس پي ڪشمور کي منٿو ڪري رهيا آهن ته بازياب ڪرايو، اسان جا  ننڍا ٻچا آهن، ڏوهاري اسان کي ماري ڇڏيندا، اهڙي وڊيو وائرل ٿيڻ بعد به پوليس مغوين جي بازيابي لاءِ ڪي جوڳا اپاءَ نه وٺي سگهي، مغوين جي گهرن ۾ ڪهرام مچي ويو  آهي،  رابطو ڪرڻ تي مغوين جي وارثن راجا شيخ ۽ ٻين ٻڌايو ته اسان جي ڪنهن سان به دشمني ناهي، ڪاٺين جي مزدوري ڪري پيٽ سفر گذر ڪندا آهيون، ڏوهارين پوليس سان نه ٺاهي جي چڪر ۾ اسان جي نوجوانن کي اغوا ڪيو آهي. مغوين جي وارثن ايس ايس پي ڪشمور ۽ وس وارن کان نوجوانن جي بازيابي جي اپيل ڪئي وئي آهي.