ٺٽو ( رپورٽر ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ بي يو گليل بند تي ڳوٺ مير حسن خشڪ جي ٻوڏ متاثرن جي ڪئمپ ۾ 5 ماڻهن جي فوت ٿيڻ واري “پنهنجي اخبار” جي نشاندهي تي بي يو گليل بند پهچي ٻوڏ متاثرن کان ڪئمپ ۾ فوت ٿي ويل 5 ٻوڏ متاثرن جي معلومات ورتي ۽ ٺٽي جي ڊي ايڇ او ۽ تعلقي گھوڙاٻاري جي اي سي کان پڇاڻو ڪيو ته کين ڪئمپ ۾ فوت ٿي ويل 5 ٻوڏ متاثرن جي خبر آهي جواٻ ۾ هنن ڄاڻايو ته کين اهڙي ڪابه خبر ناهي جڏهن ته وڏي وزير ٻنهي ڪامورن کي سختيءَ سان چيو ته ڪئمپ ۾ 5 ٻوڏ متاثر فوت ٿي ويا آهن فوتي متاثرن جي مڪمل ڊيٽا گڏ ڪئي وڃي جڏهن ته ان موقعي فوت ٿي ويل ٻوڏ متاثرن جي وارثن پڻ چيو ته بي يو گليل واري سندن ڪئمپ ۾ هڪ عورت ، هڪ 22 ورهين جو نوجوان ۽ هڪ کان چئن سالن تائين عمر جا 3 ٻارڙا پڻ بک ۽ بيمارين وگھي مبتلا ٿي علاج جي سهولت نه ملڻ ڪري فوت ٿي ويا آهن فوت ٿي ويل 5 ٻوڏ متاثرن جي وارثن وڏي وزير کي اهو به ٻڌايو ته سندن ڪئمپ ۾ 5 ڄڻن جي فوت ٿيڻ باوجود ڪنهن به تڏي تي اچي نه کين آٿت ڏني آهي وڏي وزير متاثرن کي هر ممڪن مدد جي خاطري ڪرائي.