سپريم ڪورٽ جو فيصلو، پي ٽي آءِ طرفان حمزه جو گهيرو تنگ ڪرڻ جو فيصلو

0
194
سپريم ڪورٽ جو فيصلو
سپريم ڪورٽ جو فيصلو، پي ٽي آءِ طرفان حمزه جو گهيرو تنگ ڪرڻ جو فيصلو

اسلام آباد: پي ٽي آءِ پنجاب جَي وڏي وزير حمزا شهباز کي عهدي تان هٽائڻ لاءِ سپريم ڪورٽ ۾ پٽيشن داخل ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو

فواد چوڌري چيو آهي ته پنجاب اسيمبلي جا 25 ووٽ حمزا شهباز جَي ووٽن مان نڪري ويا، پي ٽي آءِ ۽ قاف ليگ وٽ 173 ۽ حمزا شهباز وٽ 172 ووٽ آهن

هن چيو ته حمزا شهباز ڪابينا نٿو ٺاهي سگهي، سندس سمورا انتظامي فيصلا غلط آهن

سپريم ڪورٽ جو فيصلو وڏو اهم آهي، لوٽاڪريسي جو خاتمو ٿيو آهي، هن وقت پوري پاڪستان ۾ ڪا به حڪومت ناهي، سياسي بحران جو فوري حل چونڊون آهن

فواد چوڌري چيو ته حمزه شهباز ڪابينا نٿو ٺاهي سگهي، حمزه خلاف سڀاڻي سپريم ڪورٽ ۾ آئيني پٽيشن داخل ڪرائي ويندي