دعا زهرا ڪيس ۾ اهم اڳڀرائي، نڪاح پڙهائيندڙ مولوي گرفتار

0
443
لاهور ۾ پسند جو پرڻو

ڪراچي واسڻ نينگري دعا زهرا ڪيس ۾ اهم اڳڀرائي ٿي آهي، پوليس جوڙي جو نڪاح پڙهائيندڙ قاري حافظ غلام مصطفيٰ کي حراست ۾ وٺي ڇڏيو آهي

پوليس جو چوڻ آهي ته قاري غلام مصطفيٰ حسن مارڪيٽ نيو سمن آباد لاهور جو رهواسي آهي ۽ مولوي دعا زهرا جو جعلي نڪاح پڙهايو هو

پوليس موجب سمن آباد پوليس جاچ لاءِ قاري غلام مصطفيٰ کي اڻڄاتل هنڌ منتقل ڪري ڇڏيو آهي

پوليس جو چوڻ آهي ته ڪجهه هفتا اڳ نينگري دعا زهرا ڪراچي مان لاهور اچي هڪ نينگر سان شادي ڪئي، سندس اغوا جو ڪيس ڪراچي ۾ داخل ٿي آهي، دعا جي عمر 14 سال آهي، جڏهن ته هوءَ پاڻ کي 18 سالن جي ٻڌائِي رهي آهي