سُپريم ڪورٽ هاءِ پروفائيل ڪيسز ۾ بدلين توڙي مقررين کان روڪي ڇڏيو

0
402
جڊيشل ڪميشن ۾ سنڌ

اسلام آباد: سُپريم ڪورٽ هاءِ پروفائيل ڪيسز ۾ بدلين مقررين کان روڪي ڇڏيو آهي، چيف جسٽس پراسيڪيوشن کي به هاءِ پروفائيل ڪيسز واپس نه وٺڻ جو حڪم ڏنو آهي

جاچ ادارن ۾ مبينا مداخلت بابت پاڻمرادي نوٽيس تي ٻڌڻي بعد لکت ۾ حڪمنامو جاري ڪيو ويو آهي

عدالت نيب چيئرمين، ڊي جي ايف آءِ، گهرو سيڪريٽري، چئني صوبن جي ڊي جي نيب ۽ پراسيڪيوٽر جنرلز کي نوٽيسز جاري ڪري ڇڏيا آهن، جڏهن ته سمورين ڌُرين کي لکت ۾ جواب جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي

عدالت پنهنجي حڪم ۾ چيو آهي ته ٻڌايو وڃي گذريل 6 هفتن دوران ايف آءِ اي ۽ احتساب عدالتن ۾ ڪيتريون بدليون ٿيون آهن،نيب ۽ ايف آءِ اي جا ڪيترا آفيسرز توڙي پراسيڪيوٽرز تبديل ٿيا؟ اي سي ايل مان نالا ڪڍڻ جو طريقو تبديل ٿيو آهي ته عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي