اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سُپريم ڪورٽ جي 6 رڪني لارجر بينچ ميڊيڪل جي شاگرد کي حافظ قرآن هئڻ سبب ڏنل اضافي نمبر ڏيڻ جو پاڻمرادي نوٽيس وارو ڪيس اڪلائي ڇڏيو. سپريم ڪورٽ پاڻمرادي نوٽيس جي حوالي سان جسٽس فائز عيسيٰ جي فيصلي تي لارجر بئنچ جوڙي هئي. جسٽس اعجاز الاحسن جي سربراهي ۾ جوڙيل 6 رڪني لارجر بينچ  ۾ جسٽس منيب اختر، جسٽس مظاهر نقوي، جسٽس محمد علي مظهر، جسٽس عائشه ملڪ ۽ جسٽس حسن اظهر رضوي شامل هئا. 6 رڪني لارجر بئنچ ڪيس جي ٻڌڻي پنج منٽن کان به گهٽ وقت ۾ ختم ڪئي، لارجر بئنچ جسٽس فائز عيسيٰ جي فيصلي تي غور ڪيو. پي ايم ڊي سي جو وڪيل عدالت ۾ پيش ٿيو، سندس چوڻ هوته 20 واڌو نمبر 2018ع تائين رولز تحت ڏنا ويندا هئا، 2021ع ۾ نوان قانون ٺهيا ۽ اضافي نمبر ڏيڻ وارو سلسلو ختم ٿي ويو، 20 اضافي نمبرن وارو معاملو عملي طور ختم ٿي چڪو آهي. جسٽس منيب جو چوڻ هوته پاڻمرادو نوٽيس 2022ع ۾ ورتو ويو هو، 2021ع جي رولز کانپوءِ پاڻمرادو نوٽيس هونئن به غير اثرائتو ٿي ويو آهي. عدالت جو چوڻ هو ته جسٽس فائز عيسيٰ جو پاڻ مرادو نوٽيس غير اثرائتو آهي، فيصلي جي قانوني حيثيت ناهي، عدالت ڪيس اڪلائي ڇڏيو ، پاڻمرادي نوٽيس ۽ ان جي ٻين اثرن تي تفصيلي فيصلو بعد ۾ جاري ڪيو ويندو. سپريم ڪورٽ رجسٽرار کي به چارج ڇڏڻ کان روڪي ڇڏيو آهي.