اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سينيٽ جو اجلاس سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي جي صدارت ۾ ٿيو، وزيرن جي عدم موجودگي تي اپوزيشن جي ميمبرن سخت احتجاج ڪيو، جماعت اسلامي جي سينيٽر مشتاق احمد چيو ته  وزير ڇو نه ٿا اچن، سينيٽ چيئرمين چيو ته مان هڪ ڀيرو ٻيهر وزيراعظم سان ڳالهائيندس، پارلياماني مامرن واري وزارت پاران سينيٽ ۾ 2022ع ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جي سيٽن تي ٿيل ضمني چونڊن جي خرچن جا تفصيل به پيش ڪيا ويا، سينيٽ ۾ پيش ڪيل دستاويز مطابق 2022ع ۾ قومي اسيمبلي جي 13 تڪن ۽ صوبائي اسيمبلين جي 24 تڪن تي ضمني چونڊون ٿيون، ضمني چونڊن تي مجموعي طور تي هڪ ارب 59 ڪروڙ 94 لک کان وڌيڪ خرچ آيو، صوبائي اسيمبلين جي ضمني چونڊن تي 52 ڪروڙ 45 لک رپين کان وڌيڪ خرچ آيو، قومي اسيمبلي جي ضمني چونڊن تي 53 ڪروڙ 53 لک رپين کان وڌيڪ خرچ آيو،  سينيٽر نسيمه احسان اعتراض واري نقطي تي ڳالهائيندي چيو ته بلوچستان ۾ ايف سي جو واقعو ٿيو ان جي سخت مذمت ڪيان ٿي، ٻن ماڻهن جي ذاتي تڪرار ۾ فورسز جواستعمال سراسر غلط آهي،  گهرو وزير سينيٽ ۾ اچي وضاحت ڪري، سينيٽ ۾ انساني حقن واري ڪاميٽي جي چيئرمين وليد اقبال انساني حقن، ٽرانسجينڊر بابت بل جي رپورٽ پيش ڪئي، سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي چيو ته بل اچي وڃي ته پوءِ ان تي بحث ڪرائينداسين، ڪابينا سيڪريٽريٽ بابت اسٽينڊنگ ڪاميٽي جي چيئرمين مقبول احمد سول سرونٽ ترميمي بل، اسپيشل ٽيڪنالاجي زونز اٿارٽي بل بابت رپورٽ پيش ڪئي، رانا مقبول احمد توشا خاني جي انتظامن ۽ ضابطن جي رپورٽ به پيش ڪئي، جي يو آءِ جي سينيٽر مولانا عبدالغفور حيدري غلطين کان پاڪ قرآن پاڪ جي ڇپائي بابت ترميمي بل تي رپورٽ سينيٽ ۾ پيش ڪئي، مملڪتي وزير پاڻي مامرن جي تحقيق بابت ڪائونسل ترميمي بل 2023 پيش ڪيو، جيڪو ايوان منظور ڪري ورتو.