اسلام آباد (بيورو رپورٽ) جسٽس قاضي فائز عيسي سپريم جوڊيشل ڪائونسل جو ميمبر بڻجي ويو، جسٽس مشير عالم جي رٽائرمينٽ سان جج مقرري جوڊيشل ڪميشن جي جوڙ جڪ تبديل ٿي وئي، جسٽس سردار طارق مسعود جوڊيشل ڪميشن جو ميمبر بڻجي ويو، جج جي رٽائرمينٽ سان سپريم جوڊيشل ڪائونسل جي ڪمپوزيشن به تبديل ٿي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ جسٽس فائز عيسيٰ جوڊيشل ڪائونسل جو ميمبر بڻجي ويو.