ڪابل (م ڊ) طالبان افغانستان تي قبضو ڪرڻ بعد باميان ۾ هزارا اڳواڻ عبدالعلي مزاري جو مجسمو ڪيرائي ڇڏيو. مليل اطلاعن موجب 20 سال اڳ طالبان عبدالعلي مزاري کي قتل ڪيو هو. باميان ۾ ئي واقع ٻڌ جا مجسما به ڊاهي ڇڏيا هئا. هن ڀيري اقتدار جي ٻن ڏينهن اندر ئي هنن هي مجسمو ڊاهي ڇڏيو آهي.