طالبان افغانستان اسلامي امارات جَي قيام جو اعلان ڪري ڇڏيو

0
256

ڪابل:طالبان افغانستان اسلامي امارات جَي قيام جو اعلان ڪري ڇڏيو، اھڙو ترجمان افغان طالبان پاران ڪيو ويو آھي، افغانستان ۾ طالبان ايئرپورٽس ڏانهن ويندڙ شهرين کي چيڪ پوسٽن تي روڪي ڇڏيو، ملڪ ڇڏيندڙ افغان شهرين کي ڏکيائيون پيش اچي رھيون آھن، افغان ميڊيا موجب طالبان انهن شهرين کي روڪي رهيا آهن، جن وٽ سفري دستاويز ناهن، عالمي مالياتي اداري آءِ ايم ايف افغانستان جي امداد عارضي طور معطل ڪري ڇڏي.

افغانستان ۾ طالبان ايئرپورٽس
طالبان افغانستان جي سينٽرل بينڪ جي گورنر اجمل احمدي کان بينڪ ۾ موجود اثاثن جا تفصيل گهري ورتا آهن، ٽوئٽ بيان ۾ اجمل احمد چيو ته گذريل هفتي تائين افغانستان وٽ تقريبن 9 ارب ڊالرز جا اثاثا هئا، پر ان جو مطلب اهو ناهي ته ڪابل جي سينٽرل بينڪ وٽ اها رقم ڪيش جي صورت ۾ موجود هجي.