اسلام آباد (م ڊ) وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد چيو آهي ته پاڪستان کي ڪوبه سپر پاور باءِ پاس نه ٿو ڪري سگهي، هر ڪرپٽ ماڻهو جي فطرت ملڪ مان ڀڄڻ ئي هوندي آهي، وزيراعظم عمران خان اشرف غني کي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي پر ان جي ذهن ۾ فتور هو. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شيخ رشيد چيو ته پاڪستان طالبان ۽ آمريڪا کي ڳالهين جي ميز تي آڻڻ لاءِ اهم ڪردار ادا ڪيو، دنيا اسان کي قرباني جو ٻڪرو بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي پر ناڪام رهي، اسام خلاف هائبرڊ وار جاري آهي، سوشل ميڊيا ان جو مضبوط هٿيار آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ شيخ رشيد چيو ته پاڪستان ۾ ڪو افغان پناهگير نه پيو اچي، طورخم ۽ چمن بارڊر تي حالتون بلڪل پرسڪون آهن، ڀارتي ميڊيا پاڪستاني بارڊر بابت ڪوڙ ڳالهائي رهي آهي. وفاقي گهرو وزير وڌيڪ چيو ته گهرو وزارت جون آفيسون 24 ئي ڪلاڪ کليل آهن، سڀني ايئرپورٽن ۽ بارڊرن تي اميگريشن، ايف آءِ اي ۽ ٻيون اختياريون موجود آهن، ڪوشش آهي ته سفارتڪار ۽ پرڏيهي ميڊيا کي آن ارائيول ويزا ڏني وڃي، پرڏيهي سفارتخانن جي عملي جي تقريبن 900 ماڻهن کي جهازن ذريعي آڻي رهيا آهيون، جڏهن ته ڪالهه صبح 3 مسافر بسون طورخم سرحد تي ڪليئر ڪيون ويون آهن. هن چيو ته 14 آگسٽ کان هيل تائين 613 پاڪستانين کي افغانستان مان موٽايو آهي، ٻن ڏينهن ۾ سڀني پاڪستانين کي موٽائڻ جو مشن پورو ٿي ويندو. گهرو وزير چيو ته الله جو شڪر ادا ڪريون ٿا ته افغانستان ۾ امن آهي، افغانستان بابت پاڪستان عالمي برادري سان گڏ بيٺو آهي ۽ اميد ته افغانستان جون حالتون بهتر رهنديون.