ڏکڻ وزيرستان (م ڊ) ڏکڻ وزيرستان ۾ سيڪيورٽي فورسز جو دهشتگردن سان فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي، آءِ ايس پي آر موجب دهشتگرد سان مقابلي دوران هڪ دهشتگرد مارجي ويو، فائرنگ جي ڏي وٺ دوران هڪ نائب صوبيدار سوهني زئي شهيد ٿي ويو، شهيد صوبيدار جو تعلق ڊي آءِ خان سان هو، 17 ۽ 18 آگسٽ جي رات پاڪ فوج دهشتگردن جي چر پر ڏٺي، جن خلاف ڪارروائي ڪئي، دهشتگردن جي خاتمي لاءِ علائقي ۾ سرچ آپريشن هلندڙ آهي.