سٺ ميل (ن پ ا) سٺ ميل ڀرسان ڳوٺ حافظ محمد اسحاق کوسو گورنمنٽ ھاء اسڪول جي عمارت جي ڇت جا چاپڙ ڌماڪي سان ڪري پيا، چاپڙ ڪرڻ سبب اسڪول جا استاد ۽ شاگرد معجزاڻي طور محفوظ رھيا، ان حوالي سان اسڪول جي ھيڊ ماستر استاد  فيروز علي مھر ٻڌايو ته ڪيترن ئي سالن کان اسڪول جي عمارت زبون حال بڻيل آھي، تازي برساتن سبب اسڪول جي ڇتين مٿان پاڻي  بيھجي ويو ھو جنهن بعد اڄ   ڇت جا چاپڙ ڌماڪي سان ڪري پيا آهن، هن مطالبو ڪيو ته نوٽِس وٺي اسڪولي عمارت جي مرمت ڪرائي وڃي.