بخشاپور (ن پ ا)بخشاپور ويجهو ڳوٺ عزيز الله ڊومڪي واسي نوجوان اعتزاز عزيز سعودي عرب ۾ روڊ حادثي ۾ فوت ٿي ويو، اطلاع موجب اعتزاز عزيز سعودي عرب ۾ ٽيڪسي ڊرائيور هو، روڊ حادثي ۾ فوت ٿي ويو، نوجوان جو لاش ضروري ڪارروائي لاءِ سعودي جي اسپتال منتقل ڪيو وي، جتان پاڪستان آندو ويندو،  جڏهن ته نوجوان جي ڪجهه ڏينهن بعد شادي به رٿيل هئي، اهڙي افسوس ناڪ واقعي بعد گهر اندر ڪهرام مچي ويو ۽ سموري ڳوٺ ۾ ماحول پڻ سوڳوار بڻجي ويو آهي.