سيوھڻ: پوليس تشدد ۾ مارجي ويل نوجوان وارو مامرو، اڳوڻو ايس ايڇ او ريمانڊ تي پوليس حوالي

0
392

سيوھڻ(ن پ ا) پوليس تشدد ۾ نوجوان راشد لاشاري جي فوت ٿيڻ وارو معاملو، قتل ڪيس ۾ نامزد اڳوڻو معطل ايس ايڇ او سيوھڻ ذوالفقار اوڍاڻو کي رمانڊ لاءِ سيڪنڊ سول جج سيوھڻ جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، جاچ آفيسر ڊي ايس پي آمري عبدالواحد کوسو ۽ ايس ايڇ او سيوھڻ قربان سنجراڻي جي نگراني ۾ قتل ڪيس ۾ نامزد اڳوڻي ايس ايڇ او سيوھڻ ذوالفقار اوڍاڻي کي ھٿڪڙي ھڻي پوليس موبائل ۾ عدالت آندو ويو، مقتول نوجوان جي چاچي علي غلام لاشاري سيڪنڊ سول جج ۽ جڊيشنل مئجسٽريٽ عبدالواجد راھوجو جي اڳيان ايس ايڇ کي پوليس پاران ملندڙ سھولتن بابت شڪايتون ڪيون، جڊيشل مئجسٽريٽ چيو ته سھولتون ملڻ بابت اوھان ڪو ثبوت آڻيو ته پوءِ ايڪشن کنيو ويندو، عدالت جوابدار اڳوڻي ايس ايڇ او کي 5 ڏينھن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو 3 جولائي تي ٻيھر پيش ڪرڻ جو حڪم، مقتول جو چاچو چيو ته ايس ايڇ او پنھنجي پٽي ڀائي کي لاڪپ ۾ سھولتون ڏئي بي گناھ قتل ڪيل ڀائٽي جو خون لوڙهڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، اسان کي پنھنجي جان جو خطرو آهي ۽ اسان کي ٺاھ ڪرڻ لاءِ دٻاءُ وڌو پيو وڃي.