سيوھڻ(ن پ ا) سيوھڻ ۾ پاڻي ٽينڪر جو ٽڪر لڳڻ سبب نينگري فوت ٿي وئي. ان ڏس ۾ سيوھڻ  جي چوٿنڀي پاڙي وٽ پاڻي جي ٽينڪر جو ٽڪر لڳڻ سبب 14 ورھين جي نينگري ناديه ڌي علي مراد بلوچ ٿڌي تي فوت  ٿي وئي اطلاع تي پاڙي وارن ٽينڪر ڊرائيور کي سوگھو ڪري نينگري جو لاش اسپتال منتقل ڪيو جتي ڊاڪٽرن پاران نينگري جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي وئي. ٻڌايو پيو وڃي ته مڪراني محلي جي ڄاڻايل رھواسڻ نينگري چوٿنبي واري پاڙي جي دوڪان تان شي وٺي واپس گھر وڃي رھي ھئي ته پاڻي واري ٽينڪر کيس ٽڪر ھڻي فرار ٿيڻ لڳو ته پاڙي وارن کيس سوگھو ڪري ورتو. ھوڏانھن لاش ضروري ڪاروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو نينگري جو مڙھ گھر پھچڻ تي ڪھرام مچي ويو. سيوھڻ پوليس پاران واقعي جي ابتدائي رپورٽ داخل ڪري ورتي آهي .