ٺٽو ( رپورٽر ) سونڊا جي رھواسي مالوند نوجوان جي جهمپير مان پرآسرار نموني گم ٿيڻ بعد وارثن مدد جي اپيل ڪري ڇڏي آھي، ان ڏس ۾ سونڊا لڳ ڳوٺ علي ڏنو چانگ جي رھواسي پورھيت فيض محمد چانگ صحافين سان ڳالھائيندي چيو آھي ته برساتن بعد سندس نوجوان پٽ فضل چانگ چوپايو مال سونڊا کان ڪاھي جھمپير لڳ ڳوٺ رحيمداد چانگ ۾ رھائش پذير ھو، جيڪو 4 ڏينھن اڳ خميس واري ڏينهن موٽر سائيڪل تي سوار ٿي جهمپير شھر مان گهر جو راشن سامان وٺڻ لاءِ نڪتو جنهن جي شام تائين گھر واپس نه موٽڻ تي هنن ڳولا ڪئي، پر سندس ڪٿان به ڪو ڏس پتو پئجي ناھي سگھيو، جڏھن ته سندس موٽر سائيڪل جهمپير باءِ پاس تان هٿ آئي آھي، هن چيو ته اهڙو اطلاع جهمپير پوليس کي پڻ بروقت ڏنو ويو آھي، پر ڪيترائي ڏينهن گذري وڃڻ باوجود سندس پراسرار نموني گم ٿي ويل پٽ فضل چانگ جو ڪو به  ڏس پتو پئجي ناھي سگھيو، کيس خدشو آھي ته ڪٿي سندس پٽ کي اغوا نه ڪيو ويو ھجي، ھن وس وارن کي گم ٿي ويل پٽ جي ڳولا ۾ مدد جي اپيل ڪئي آھي.