پير وسڻ(ن پ ا) پير وسڻ ۽ ڀرپاسي جي ڳوٺن مان خان واھ ۽ سم نالن کي ڪَٽُ ڏئي ڇوڙ ڪيل برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ ۽ متاثرن جي واھر نه ڪرڻ خلاف نوجوان اتحاد جي ڪارڪنن ۽ شهرين مرڻ گھڙي تائين بک هڙتال شروع ڪري ڇڏي، پير وسڻ شھر جي مين چوڪ  تي بک هڙتالي ڪئمپ قائم ڪئي وئي. ان موقعي تي مظاهرين انتظاميا خلاف سخت نعريبازي ڪندي چيو ته ڊي سي خيرپور ۽ اي سي ميرواھ ٻه مھينا گذرڻ باوجود علائقي مان برساتي پاڻي نيڪال نه ڪرائي سگھيا آهن. متاثر بي گھر بڻجي کلي آسمان ھيٺ ويھڻ تي مجبور آھن. مظاھرين منظور سنڌي، علي زيب جمالي، زوھيب ڦل، راشد ڦل، ڪاشف علي حاجاڻو، آصف علي حاجاڻو، امتياز ڦل ۽ ٻين مطالبو ڪيو ته علائقي مان فوري طور پاڻي نيڪال ڪرائي متاثرن جي واھر ڪئي وڃي، مرڻ گهڙيءَ تائين بک ھڙتال جاري رھندي.