سيوھڻ (ن پ ا) سيوھڻ جي عدالتي احاطي ۾ ٻن ڌرين ۾ جھيڙو، مڱڻھار برادري جا 3 ڄڻا زخمي، اسپتال داخل، نوحاڻي برادري جا 6 ڄڻا گرفتار. سيوھڻ جي عدالت جي احاطي ۾ ناريءِ جي اغوا واري معاملي تان شنوائي تي پھتل نوحاڻي ڌر جي ضمانت رد ٿيڻ بعد مڱڻھار ۽ نوحاڻي برادري جي ٻنھي ڌرين ۾ جھيڙو ٿي پيو جنهن جي نتيجي ۾ مڱڻھار برادري جي عورتن سميت 3 ڄڻا لال محمد، گلبانو ۽ مسمات ملوڪان مڱڻھار معمولي زخمي ٿي پيا جن کي سيوھڻ اسپتال منتقل ڪيو ويو. اطلاع ملڻ تي ون فائيو پوليس جي جوانن بروقت عدالت پھچي وڌيڪ جھيڙي کي ٽاري ڇڏيو ۽ عدالت جي احاطي ۾ جھيڙو ڪندڙ نوحاڻي برادري جي 8 ڄڻن خدا بخش، غلام شبير، علاوالدين، قلندر بخش، رمضان، عادل، خادم ۽ عمران نوحاڻي کي گرفتار ڪري ورتو. پوليس موجب عدالت جي احاطي ۾ جھيڙو ڪندڙ ماڻهن خلاف قانوني ڪاروائي ڪئي ويندي.