ٺل (ن پ ا) ٺل جي صرافه بازار ۾ ممتاز احمد سرڪي جي سون جي دڪان مان مبينا طور 6 تولا سون چوري ٿي ويو، چور سندس ئي دڪان ۾ ڪم ڪندڙ ملازم گل بهار سرڪي نڪتو، دڪاندار ممتاز احمد پٽ حسين سرڪي پاران ڪورٽ جي حڪم تي اي سيڪشن ٿاڻي تي جوابدار گل بهار سرڪي، گلزار ڀٽي، غلام مرتضيٰ، غلام مصطفي ۽ ٻن نامعلوم سميت 6 جوابدارن مٿان چوري جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي دڪاندار ممتاز علي سرڪي ايف آءِ آر ۾ موقف اختيار ڪيو آهي ته دڪان تي ڪم ڪندڙ مزدور گل بهار سرڪي پنهنجي ساٿين سمت منهنجي دڪان مان 6 تولا سون چوري ڪري فرار ٿي ويو جنهن کي سون گم ٿيڻ بابت پڇا ڪيم ته اهو ٻڌائڻ بجاء مونکي ڌمڪيون ڏنيون.