شڪارپور (رپورٽر ) ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج شڪارپور مشتاق احمد ڪلوڙ سڀني جوڊيشل مئجسٽريٽ کي سپريم  ڪورٽ ۽ سنڌ ھاءِ ڪورٽ جي حڪم تحت ھدايتون جاري ڪيون آھن ته ھو سڄي ضلعي جي پرائمري، سيڪنڊري، ھائير سيڪنڊري ۽ ڪاليجن جو دورو ڪري انھن ۾ موجود سھولتن بابت رپورٽ ڏين، خط ۾ ڄاڻايو ويو آھي ته دوري دوران تعليمي ادارن ۾ ڏٺو وڃي تي بلڊنگ ڪھڙي حالت ۾ آھي، بنيادي سھولتون جن ۾ پيئڻ جي پاڻي، صفائي سٿرائي ۽ واش روم جون سھولتون ۽ فرنيچر موجود آھن يا نه، استاد ۽ اسٽاف حاضر آھي يا غير حاضر ۽ تعليمي ادارن جي زمين تي انڪروچمينٽ يا قبضي بابت جامع رپورٽ ڏني وڃي.