خيرپور (رپورٽر) خيرپور جي عدالت بااثرن وٽ مبينا باندي بڻايل ٻن عورتن، هڪ ٿڃ پياڪ ٻار سميت ستن  ڄڻن جي بازيابيءَ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو. ڪوٽڏيجي، بوزدار وڏا ۽ فيض گنج ٿاڻي جي ايس ايچ اوز کي نوٽيس جاري. خبر موجب خيرپور ۾ سيڪنڊ ايڊيشنل سيشن جج جي عدالت ڪوٽڏيجيءَ جي رهواسڻ مسمات تهمينه بگٽي جي درخواست تي ڪارروائي ڪندي ڳوٺ مٺڻ فقير جي رهواسي ڪريم بخش بگٽي وٽ مبينا ناحق باندي بڻايل 16 مهينن جي ٿڃ پياڪ ٻارڙي ضمير حسين بگٽي کي بازياب ڪرائڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو آهي. جڏهن ته ٿرڊ ايڊيشنل سيشن جج جي عدالت فيض گنج ڀرسان ڳوٺ دين محمد مريءَ جي رهواسي عبدالحسين مريءَ جي درخواست تي ڪاروائي ڪندي فيض گنج ٿاڻي جي ايس ايچ او کي ليٽر جاري ڪندي ساڳئي ڳوٺ جي رهواسي محمد سليم مري، ديدار علي مري، برڪت علي مري ۽ عجب علي مري وٽ مبينا ناحق باندي بڻايل مسمات امينه ڌيءَ عبدالحسين مري کي بازياب ڪرائڻ جو حڪم جاري ڪيو آهي. هوڏانهن فورٿ ايڊيشنل سيشن جج مس ثمينه منگي جي عدالت بوزدار وڏا جي رهواسي تاج محمد ابوپوٽو جي درخواست تي ڪاروائي ڪندي بوزدار وڏا ٿاڻي جي ايس ايچ او کي حڪم جاري ڪيو آهي ته ڳوٺ بوزدار وڏا جي رهواسي زبير احمد ابوپوٽو وٽ مبينا ناحق باندي بڻايل مسمات شمع ڌيءَ علي گوهر، 10 سالن جي نورالنساءِ، 7 سالن جي عزيز، 3 سالن جي صائمه ۽ ڏيڍ سالا نعيمان کي بازياب ڪرائڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو آهي.