تنگواڻي (ن پ ا ) تنگواڻي جي مدرسي محلي مان 34 ڏينهن اڳ مبينا طور اغوا ٿي ويل معصوم نينگر جنيد بکراڻي جي وارثن ۽ ايس ٽي پي اڳواڻن اڄ کان ٻن ڏينهن لاءِ پريس ڪلب اڳيان احتجاج جو اعلان ڪيو. اڳواڻن جو چوڻ هو ته عاشورن جا ڏهاڙا ختم ٿيڻ بعد ايس ايس پي آفيس اڳيان احتجاج ڪيو ويندو،جنيد بکراڻي ظالمن وٽ قيد آهي، پوليس وارثن کي بازيابي لاء ٺلها آسرا ڏئي رهي آهي.