سيتاروڊ (ن پ ا) سيتاروڊ ڀرسان ڏنگر روڊ هڪٻئي پٺيان موٽر سائيڪل ٽڪرائجڻ تي7 نوجوان زخمي ٿي پيا، ان سلسي ۾ مليل معلومات مطابق ڳوٺ سانگي چانڊيو کان ڳوٺ آندل چانڊيو ڇھ موٽر سائيڪلن تي سوار نوجوان ونگار تي وڃي رهيا هئا ته سيتاروڊ ڀرسان ڏنگر روڊ تي رستو خراب هجڻ تي هڪ موٽر سائيڪل ڪرڻ تي پٺيان ايندڙ 2 موٽر سائيڪل ان سان ٽڪرائجي ويون، نتيجي ۾ عرفان چانڊيو، لکمير چانڊيو، عبدالرئوف چانڊيو، گاجي خان چانڊيو، نور حسين چانڊيو، همٿ علي چانڊيو سميت 7 نوجوان زخمي ٿي پيا، نوجوانن جي عزيز پ پ پ سيتاروڊ جي جنرل سيڪريٽري مظھر حسين چانڊيو ” پنهنجي اخبار“ آڏون احتجاج ۾ دانهيو ته زخمي سيتاروڊ اسپتال آندا، جتي ڊاڪٽر ڊيوٽي تي موجود نه هجڻ تي گهر وڃي ڊاڪٽر کي ننڊ مان اٿاريو آھي، 2 ڪلاڪ اسان جا نوجوان اسپتال ۾ بي يارو مددگار تڙپندا رهيا بعد ۾ سندن علاج ٿيڻ شروع ٿيو آھي، هن دانهيو سيتاروڊ جي سرڪاري ۾ ايمرجنسي جي ڪا سهولت نه هجڻ سميت انڌير نگري آھي وس وارا نوٽس وٺن،