ڇاڇرو (ن پ ا) ڇاڇري ۽ ڏاهلي تعلقن ۾ برساتن بعد نانگ بلائون نڪري آيون، هڪ ڏينهن ۾ نانگ بلائن جي ڪکيل 7 ڄڻن کي ڇاڇري اسپتال داخل ڪيو ويو، جڏهن ته هلندڙ هفتي ۾ نانگ بلائن جي ڪکيلن جو انگ 13 ۽ مهيني ۾ انگ 27 ٿي ويو آهي، ڇاڇرو اسپتال جي ڊاڪٽرن موجب روزانو 4 کان 5 نانگ جا ڪکيل مريض اچي رهيا آهن، جڏهن ته هن سال خطرناڪ نانگ بلائن ۾ زهر هجڻ ڪري هڪ هڪ مريض کي 12 کان مٿي زهر تي ڪنٽرول ڪرڻ وارا انجيڪشن ڏنا وڃن ٿا پوءِ به ڪنٽرول نٿو ٿئي، ڳوٺ سنهيڙا جي 45 ورهين جي حڪم سنهڙي کي 16 انجيڪشن لڳڻ باوجود صحت ۾ بهتري نه آئي، جنهن کي حيدرآباد ريفر ڪيو ويو، جڏهن ته هڪ ٻي بلا جي ڪکيل مريض انور سميجو کي 12 انجيڪشن ڏيڻ باوجود صحت ۾ بهتري اچي نه سگهي.