پيرولاشاري (ن پ ا )پيرولاشاري لڳ ڳوٺ حاجي منڌرو جي گورنمينٽ پرائمري اسڪول جي عمارت مڪمل طور زبون حال بڻجي وئي، اسڪول جي ڪمرن جا چاپڙ ڪرڻ روز جو معمول بڻيل آهن، جڏهن ته اسڪول ۾ فرنيچر جي پڻ سخت کوٽ آهي، جنهن جي ڪري اڪثر شاگردن اسڪول اچڻ ڇڏي ڏنو آهي، ان حوالي سان ڳوٺاڻن محمد بچل منڌرو، محمدقاسم منڌرو، چنيسر منڌرو ۽ ٻين ٻڌايو ته اسڪولي عمارت زبون حال آهي، فرنيچر سميت اسڪول ۾ ڪابه سهولت ناهي، عمارت مان چاچڙ ڪرڻ سبب ٻارڙن جون زندگيون داءُ تي لڳل آهن، هنن چيو ته شڪايتن باوجود تعليم کاتي جا عملدار دانهن ٻڌڻ لاءِ تيار ناهن، نوٽيس وٺي اسڪولي عمارت ٺهرائي ٻارڙن جي تعليم متاثر ٿيڻ کان بچائي وڃي.