سيالڪوٽ واقعي ۾ پوليس جي ڪا به ڪوتاهي ناهي: آءِ جي پنجاب

0
328
سيالڪوٽ واقعي ۾ پوليس

ڪراچي( م ڊ) پنجاب حڪومت جي ترجمان حسن خاور چيو آهي ته سيالڪوٽ واقعي ۾ ملوث سمورن مرڪزي جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي ۽ انهن جي سڃاڻپ به ٿي چڪي آهي، جڏهن ته آءِ جي پنجاب پوليس جي لاپرواهي جي امڪان کي رد ڪري ڇڏيو

آءِ جي پنجاب سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي پنجاب حڪومت جي ترجمان چيو ته سيالڪوٽ واقعي ۾ ملوث 118 گرفتار جوابدارن مان 13 ڄڻا مک جوابدار شامل آهن، جن جي سڃاڻپ ٿي چڪي آهي، واقعي بابت 160 ڪيميرائن جي فوٽيجز حاصل ڪيون ويون ۽ گرفتارين جي لاءِ 10 ٽيمون ٺاهيون ويون آهن، جڏهن ته ڪيس ۾ دهشتگردي جا قلم شامل آهن، آر پي او ۽ ڊي پي او 24 ڪلاڪ ڇاپن جي نگراني ڪري رهيا آهن

حسن خاور چيو ته شروعاتي رپورٽ هي آهي ته واقعي واري هنڌ تان هڪ شئي هٽائي وئي هئي، جڏهن واقعي جي پهرين اطلاع پوليس کي ملي ته مئنير قتل ٿي چڪو هو، پوليس ۽ انتظاميه واقعي جي مڪمل جاچ ڪري رهيون آهن، اهڙا واقعا اسان ۽ اسان جي ملڪ لاءِ شرمندگي آهي، مقتول سريلنڪن جو خاندان پاڪستان ۾ ناهي

ان موقعي تي آءِ جي پنجاب جو چوڻ هو ته واقعي جي اطلاع ملڻ تي مقامي پوليس فوري طور اختيارين کي ڄاڻ ڏني، ڊي پي او ۽ ايس پي پيدل واقعي واري هنڌ پهچي ويا، واقعي کانپوِ رستا بند هئا، هن ۾ پوليس جي ڪوتاهي ثابت نٿي ٿئي، جيڪڏهن واقعي ۾ پوليس جي ڪوتائي ثابت ٿي ته ان جو به جائزو وٺنداسين

هن چيو ته واقعي ۾ ملوث سمورا جوابدار قاتل ناهن، هر جوابدار جو ڪردار طئي ڪيو ويندو

۽ جاچ ۾ طئي ڪنداسين ته ڪهڙي جوابدار جو  ڇا رول هو، هن وقت تائين جيتري جاچ ٿي آهي سڀ ٻڌائي وئي آهي تفصيل شيئر ڪري رهيا آهيون، 160 فوٽيجز جي روشني ۾ گرفتاريون ڪيون وينديون

ھي به پڙھندا

سيالڪوٽ واقعو: مئنيجر ملازمن کان معافي به ورتي هئي: پوليس