سيالڪوٽ واقعو: مئنيجر ملازمن کان معافي به ورتي هئي: پوليس

0
348
سيالڪوٽ واقعو: پوليس

ڪراچي(م ڊ) سيالڪوٽ ۾ سريلنڪن مئنيجر جي قتل جا وڌيڪ تفصيل سامهون اچي ويا آهن، پوليس جاچ موجب واقعي وقت فيڪٽري ۾ رنگ جو ڪم جاري هو، سري لنڪن شهري صبح 10 لڳي 28 منٽ تي ڀت ۾ لڳل ڪجهه پوسٽرز لاٿا ان دوران فيڪٽري مئنيجر ۽ ملازمن ۾ معمولي تڪرار ٿيو

جاچ ۾ انڪشاف ٿيو ته فيڪٽري مئنيجر زبان کان نا واقف هو جنهن ڪري کيس ڪجهه ڏکيائيون پيش آيون پر فيڪٽري مالڪن ملازمن سان تڪرار ختم ڪرايو ۽ فيڪٽري مئنيجر غلط فهمي جو اظها رڪندي معافي به گهري پر بعد ۾ ڪجهه ملازمن ٻين ملازمن کي ڪاوڙ ڏياري جنهن تي  ڪجهه ملازمن مئنجير کي مارڻ شروع ڪيو

جاچ موجب فوٽيجز ۾ ڏيکاريو ويو آهي ته مئنيجر کي صبح 10:40 تي عمارت مان هيٺ ڪيرايو ويو۽ مڇريل ماڻهو ان کي گهلي رهيا هئا، مئنيجر کي مڇريل ملازمن اندر ئي ماري ڇڏيو هو، جنهن وقت ان کي هيٺ ڪيرايو ويو هو ختم ٿي چڪو هو ۽ هي به امڪان آهن ته هيٺ ڪيرائڻ هن جو موت ٿيو هجي، ان کانپوءِ مئنيجر جي لاش کي گهلي فيڪٽري ايريا کان ٻاهر آندو ويو

جاچ موجب گارمينٽ فيڪٽري ۾ 13 سڪيورٽي گارڊ مقرر هئا پر واقعي وقت سمورا گارڊ به موقعي تان فرار ٿي ويا، جنهن بعد فيڪٽري جا ملازم مئنيجر جو لاش ٻاهر ڪڍي آيا، 11 لڳي 28 منٽ تي پوليس کي ون فائيو تي اطلاع ڏنو ويو ته مقامي ايس ايڇ او واقعي واري هنڌ پهتو، صورتحال خراب ڏسي هن ڊي پي او کي ڪال ڪئي جنهن تي ڊي پي او 27 انسپڪيٽرز کي واقعي واري هنڌ پهچڻ جي هدايت ڪئي ۽ وڏي نفري طلب ڪئي وئي

جاچ مان خبر پئي ته روڊ جي بند هجڻ سان پوليس اهلڪارن کي موقعي تي پهچڻ ۾ دير ٿي ۽ ڊي پي او پاڻ به ڀڄي ڪري واقعي واري هنڌ پهتو پر ملازم فيڪٽري مئنيجر جو لاش ساڙي چڪا هئا