دادو: نينگري سان مبينا جنسي ڏاڍائي، وارث انصاف لاءِ عدالت پهچي ويا

0
202
جهڏو ۾ ڌيءُ سان زيادتي

دادو(ن پ ا ) دادو جي تعلقي ڪي اين شاھ ڀرسان جوابدارن پاران 11 سالن جي نينگري کي مبينا طور جنسي ڏاڍائي جو نشانو بڻايو ويو، جنهن جا وارث انصاف لاءِ عدالت پهچي ويا آهن

متاثر نينگري جي ماءُ مسمات ضميران جو چوڻ آهي ته اسان بصر پٽڻ زمين تي وياسين ته مرچو ۽ زاهد لغاري پسٽل ۽ بندوق جي زور تي گهر ۾ گهڙي ڌي سان زبردستي ڏاڍائي ڪئي، جنهن بعد نياڻي بيهوش ٿي وئي، جنهن کي خانگي اسپتال کڻي وياسين پر رت بند نٿو ٿئي

مسمات ضميران جو چوڻ آهي ته پوليس وٽ وياسين پر علاج لاءِ  ليٽر نه ڏنو، نه ئي جوابدارن کي گرفتار ڪري ٿي، مجبور ٿي عدالت پهتي آهيان، ظالمن کي گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي