سياسي جهيڙا پنهنجي جاءِ تي، ماڻهن کي سروس ڏيو، نٿا ڏئي سگهو ته هليا وڃو:سپريم ڪورٽ

0
473
گجر، اورنگي ۽ محمود آباد نالن جي متاثرن جي معاوضي بابت ڪيس، ميئر ۽ ٻيون ڌريون طلب
گجر، اورنگي ۽ محمود آباد نالن جي متاثرن جي معاوضي بابت ڪيس، ميئر ۽ ٻيون ڌريون طلب

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس، جسٽس گلزار احمد چيو آھي تھ سياسي جهيڙا پنهنجي جاءِ تي، ماڻهن کي سروس ڏيو، نٿا ڏئي سگهو ته هليا وڃو ۽ ڪنهن ٻئي کي اچڻ ڏيو.

 سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ نالن جَي متاثرن جِي بحالي لاءِ پئسا نه هجڻ بابت اي جي سنڌ جي بيان تي چيف جسٽس گلزار احمد طرفان ريمارڪس ڏنا ويا، عدالت چيو آهي ته سنڌ سرڪار چئي ٿي ته نالن جي متاثرن کي بحال ڪرڻ لاءِ فنڊز نه آهن، اي جي سنڌ جو عدالت اڳيان اهڙو بيان مناسب نه آهي.

 چيف جسٽس چيو تھ ماضي ۾ سنڌ حڪومت چوندي رهي آهي ته متاثرن جي بحالي جو ڪم ڪنداسين، متاثرن جي بحالي سنڌ حڪومت جي ذميواري آهي، سنڌ حڪومت متاثرن جي بحالي يقيني بڻائي ۽ کين سموريون گهربل شيون مهيا ڪري.

 سنڌ حڪومت پنهنجي وسيلن سان متاثرن جي بحالي ڪري، وڏو وزير متاثرن جي بحالي لاءِ فنڊز جي فراهمي يقيني بڻائي، وڏي وزير کي متاثرن جي بحالي بابت شروعاتي رپورٽ ٻن هفتن ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آھي.