انگلش بورڊ رميز راجا کي خط جو جواب نه ڏنو!

0
183
رميز راجا پي سي بي

لاهور: پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين رميز راجا انگلش ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين ايئن وائٽ مور کي خط لکيو، پر انگلش بورڊ خط جو جواب ڏيڻ کان انڪار ڪيو ويو آهي. رميز راجا جي لکيل خط جو اي اين واٽ مور طرفان جواب نه ڏيڻ کي انڪار سمجهيو ويو. ذريعن موجب پاڪ-انگلينڊ ميچز پنڊي مان لاهور منتقل ڪرڻ جي آڇ ڪئي وئي هئي ۽ انگلش ٽيم کي هوٽل بدران هاءِ پرفارمنس سينٽر ۾ ترسائڻ جو چيو ويو هو. انگلينڊ جي دوري دوران لاهور جي قذافي اسٽيڊيم طرف فوج جي مدد سان چار ڏينهن لاءِ علائقا سيل ڪرڻا هئا، اهڙا انتظام ڪرڻ جي آڇ ڪئي وئي جو انگلش رانديگر پيادل به گرائونڊ اچي پئي سگهيا پر انگلينڊ بورڊ جواب ڏيڻ جي زحمت ئي نه ڪئي.