حڪومت جا پول پڌرا ٿي رهيا آهن، تنهنڪري اُهي اليڪشن ڪميشن تي حملا ڪن ٿا:مريم نواز

0
147

ڪراچي: حڪومت جا پول پڌرا ٿي رهيا آهن، تنهنڪري اُهي اليڪشن ڪميشن تي حملا ڪن ٿا، اسان به ڪمزوري ڏيکارينداسين ته اسان تي به چڙهائي ڪندا، اسان کي مضبوط ٿيڻو پوندو، مريم نواز چيو آهي ته، ايندڙ چونڊون اسان جون آهن، مضبوطي ۽ ٻَڌِي سان اليڪشن وڙهڻي پوندي، اسان کي بيانن جَي تڪرار جو شڪار نه ٿيڻ گهرجي، نه ئي ان تي ڌيان ڏيڻ گهرجي، مريم نواز چيو ته، پارٽي اڳواڻ ظلم ۽ ڏاڍ کي منهن ڏئي رهيا آهن، پوءِ به ڪنٽونمينٽ بورڊز جِي چونڊن ۾ نون ليگ کي شاندار ڪاميابي ملي، دشمنن ۽ حڪومت کي اندازو آهي ته نواز ليگ ڪيڏي وڏي طاقت آهي، هينئر به مخالفن کي نون ليگ کي هارائڻ لاءِ ڌانڌلي ۽ ووٽ چوري ڪرڻا پوندا آهن، ٻيهر ووٽ چوري ڪرڻ ممڪن نه هوندو.