سوال/سروي ڌاڙيل به ڪنٽرول نه پيا ٿين؟ پوليس جي ڪارڪردگي خراب آهي: عوام

0
216
سوال/سروي ڌاڙيل به ڪنٽرول نه پيا ٿين؟ پوليس جي ڪارڪردگي خراب آهي: عوام

 ڊيلي پنهنجي اخبار جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته پوليس کان ڌاڙيل به ڪنٽرول نه پيا ٿين؟ ڏوهارين جا لاش خريد ڪري ڪريڊٽ کڻندا آهيو: هاءِ ڪورٽ جي آءِ جي کي ڇنڊ:پوليس جي ڪارڪردگي کي اوهان ڪيئن ٿا ڏسو؟ جنهن تي اڪثر ماڻهن چيو ته پوليس جي ڪارڪردگي خراب قرار ڏيندي چيو ته پوليس ۾ سياسي مداخلت آهي، ڌاڙيلن کي به سياسي پٺڀرائي حاصل هجي ٿي، پوليس جي ڪردار کي بهتر ڪرڻ جي ضرورت آهي، سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي عبدالرحمان چانگ لکيو ته اها حقيقت آهي ڇو ته پوليس ڌاڙيلن کي پڪڙيندي ناهي ڌاڙيلن جا ٽولا پاڻ ۾ وڙھي هڪ ٻئي کي ماريندا آهن، پوليس لاش هٿ ڪري مقابلي جي دعوا ڪندي آهي، اختر سنڌيار لکيو ته پوليس جي ڪارگردگي رڳو فيسبڪ تي ڪريڊٽ وٺڻ کانسواءِ ڪجھه ڪونھي ڪچي جي مختلف علائقن ۾ پوليس دريا جي بند کان ھيٺ به نه لھندي آھي، ساگر امير حيدر لکيو ته پوليس ڪندي ئي لاشن ۽منشيات جو ڪاروبار آهي،

مطيع الرحمان لکيو ته پوليس ۾ ميرٽ تي ڀرتي ٿيڻ گهرجي سياسي سفارشن تي ڀرتي ٿيندي آهي، خاموش خليل شر لکيو ته پوليس وڏيرن جاگيردارن سان ٻٽ بڻيل ھوندي آھي، گلاب خاصخيلي لکيو ته پوليس به ڪيڏانھن وڃي پاڪستان ۾ پوليس جي جيڪا حالت آھي سا ڪنھن کان به ڳجھي ڪونھي، احسان چانڊيو لکيو ته پوليس جو ڪم آهي ڪوڙا مقابلا ڏيکارڻ ۽ جيڪي غريب هوندا آهن انهن کي تنگ ڪرڻ آهي، حاڪم ڪٽوهر لکيو ته پوليس وارا سدائين ڊراما ڪندا آهن، نماڻو نوناري لکيو ته هاءِ ڪورٽ بلڪل درست چيو آهي، اياز علي راهوجو لکيو ته سنڌ پوليس کي پھرين ته ميرٽ تي ڀرتيون ڪرڻ گھرجن ۽انھن جي پگھار۽ٻيون مراعتون به ھجڻ گھرجن، شرف الدين ڪيريو لکيو ته پوليس جي ڪارڪردگي پوئتي ٿيندي پئي وڃي ڏينھون ڏينهن اسانجي شھر ۾ اڄ ڀرياروڊ جي لنڪ روڊ تان ھڪ پوليس اھلڪار کان موٽر سائيڪل ڦري ويا،

خادم گهراڻو لکيو ته پوليس وارا به انسان آهن انهن کي پنهنجي حياتي پياري آهي باقي پوليس جي لاءِ اهو ته انهن کان ڌاڙيل ڪنٽرول ڪونه ٿا ٿين پوليس جو پوءِ پهچڻ مشهور آهي، الياس سمون لکيو ته سنڌ۾ قانون سان مزاق ٿي رھيو ان جي وجھه پوليس۾ سياسي ماڻھن جي مداخلت آھي ھن وقت پوليس جون بدليون۽ مقرريون وڏيرن جي اوطاقن تان ٿينديون آهن جيئن وڏيرا چاھين تيئن سنڌ پوليس ڪندي آهي، موهن لال لکيو ته ڌاڙيلن کي سياسي پٺڀرائي حاصل هئڻ ڪري پوليس کان ڏاڍا بڻيل آهن، تنهن ڪري هاءِ ڪورٽ پاران آءِ جي سنڌ کي ڇنڊ حقيقت تي ٻڌل آهي، تسليم احمد ڪوري لکيو ته پوليس ھميشه پئسن عيوض ڪم ڪندي آهي، اعجاز کوسو لکيو ته اها حقيقت آهي پوليس ڪڏهن به مقابلي ۾ ڪو ڏوهاري نه ماريو آهي سڀئي ڏوهاري پيسا ڏيئي ڏوهاري ڏوهارين کان مارايا،

لطف سنڌي لکيو ته پوليس جون ناجائزيون پڪي ۾ وڌيڪ آهن، ڪچي پهچي به ناهن سگهندا، زوار جمالي لکيو ته افسوس اڪثر پي ايس پي ڪيڊر جا آفيسر به ايم پي اي ايم اين اي جي بنگلن جي دروازي تي صرف رڳو سٺي پوسٽنڱ جي انتظار ۾ بيٺا ھوندا آھن ۽ ٿاڻن تي مقرر ايس ايڇ اوز وري ٿاڻن کي پنھنجي اوطاق سمجهي هلائيندا آهن، علي گوهر سومرو لکيو ته عدالت جي ڳالهه سئو سيڪڙو سچ آھي، ثناءُالله بلوچ لکيو ته سنڌ پوليس جي ڪارڪردگي خراب آهي، امام الدين ٻرڙو لکيو ته سنڌ پوليس کي ھاڻي ڪجھه ڪرڻ گھرجي، اويس قرني لکيو ته سنڌ پوليس پ پ جي بي ٽيم بڻجي وئي آهي، سنتوش ڪمار لکيو ته سياسي مداخلت نه هجڻ گهرجي، طارق علي باجڪاڻي لکيو ته عدالت درست چيو آهي، پوليس ۾ ڪمداري وارو ڪم وڌي ويو آهي، حيدر سهندڙو لکيو ته سنڌ پوليس کي هاڻي ڪجھه ڪرڻ گهرجي،

ممتاز علي سميجو لکيو ته اها حقيقت آهي پوليس ڌاڙيلن سان مقابلو ناهي ڪندي جهيڙيندڙن هٿان مارائي لاش وٺي ڪريڊيٽ پاڻ ڏانهن ڇڪيندي آهي پوليس جي اهڙي ڪارڪردگي وڌيڪ ماحول خراب ڪيو آهي، سرفراز لکيو ته عدليه درست چيو آهي، اياز راهوجو لکيو ته جيڪڏهن جعلي مقابلو ظاهر ٿئي ٿو ته پوليس کي به سزا ڏيڻ گهرجي، علي بخش شر لکيو ته سنڌ پوليس کي حڪومت سهولت ڏيندي ته پوليس پنهنجو رزلٽ بهتر ڏيندي، شربت جعفري لکيو ته ڪشمور ضلعي ۾ جيڪي به ڌاڙيل مئا انهن ۾ پوليس جو ڪردار ڪونه آھي، جاويد هڪڙو، محمد الياس، علي نواز لوچي، مهراڻ کوسو، علي عباسي، عطاءُالله، اسلم کهڙو، رياض سولنگي، اسد انڍڙ، گڙڌاري لال، احمد بلوچ، حبيب الله مهر، ارشاد علي، علي گل شيخ، طارق حسين، مجاهد رند، سمير احمد، ذيشان جسڪاڻي، جمال عبدالناصر، شاهين سومر، گل شير ميمڻ، بشير ميراڻي، نعمت الله نهڙي، علي رضا وڻجارو، شبير ڀوت، عابد ڀٽي، عبدالله سنڌي، وسيم راڄپر، ڊاڪٽر خليق الزمان، حماد ڪنڀر، تنها قادر شر، ارسلان حمزا، مسرور شر، بهادر علي، شهزاد رضا ملاح، خير محمد مگسي ۽ ٻين به سروي ۾ حصو ورتو.