جيل جي ڊائريءَ جا ورق!

سائين نظير حسين شاهه صاحبن جو منتظر مهدي هائو سمان خط آيو، مرشد منهنجي ديت جي پئسن جي باري ۾ لکيو آهي ته هو منهنجا 44 لک ڀرڻ لاءِ تيار آهي پر مون کي سائين بابا رڳو توهان جو پيار ۽ دعائون گھرجن، پئسا نه، مشتاق لاکير اڄ اسان جي کوليءَ تي اسان جو مهمان هو، چانهه وعيره گڏ پيتيسين، اڄ اسان جو ٽيون پرچو هو، رات جي مانيءَ کان پوءِ سيءُ وڌي ويو، دلدار وساڻ جو چوڻ آهي ته 12 سينٽي گريڊ ٿڌ اڄ خبرن ۾ ٻڌو ويو آهي. اسد جي موڪليل ليڌر جيڪيٽ جي ڪري آئون گھڻو محفوظ آهيان، دلدار ۽ نواز ماڇي جي هٿن جي ڪريم چانهن پيتي سين، بيمار ڏاڏي عبدالله چانڊئي کي به چانهه رواني ڪيم، کوليءَ جي در تي انگور جي ول تي چانڊوڪيءَ ۾ پنهنجي چانڊاڻ ڄمائي چڪي آهي، اندر سڀ دوست ڪورو لوئس عثمان ڊرامون ڏسي رهيا آهن، جنهن جي موسيقيءَ تي ڪجھه هن طرح جا شعر چوڻ تي دل چوي ٿي:

ٿڌ، چنڊ تارا صنم،

شاهد پاڙي وارا صنم،

هڪ پل نه ننڍ نيڻ ڪئي،

ساري رات پئي تون لاءِ رنم،

جيئن مينهن کي تاڙو تڪي

تيئن دل منهنجي تولا سڪي،

سنڌ سنڌ وڇوڙو ٿو وڍي،

ڀلا ڪيئن سهي ايڏو ستم،

ڪجھه رحم ڪر، ڪجھه قياس ڪر،

زندگي منهنجي نه ناس ڪر،

باقي وقت آ ٿورو بچو،

هاڻي ڪر آصف تي رحم،

خبر ناهي وري ڪڏهن ديدار ٿيندو تنهنجو پرين؟

آصف غلام رسول ڇلگري/سينٽرل جيل حيدرآباد (15 ڊسمبر 2021)

قيديءَ جي ڊائري!

رات جو دير سان هلڪي هلڪي ڪَڻ ڪَڻ شروع ٿي وئي، خوشيءَ مان هر هڪ کوليءَ وارو تيز آواز ۾ جھونگارڻ لڳو، سڀ ساٿي هڪ هنڌ گڏ ٿي اسان ابه جھونگارڻ لڳاسين. سپاهي رحمٰن ڇلگري بس اڪيلو وارڊ ۾ ڦرندو رنظر آيو جنهن جي لانگ بوٽن جا ڌماڪا پري پري تائين ٻڌڻ ۾ ٿي آيا، خبر ئي ڪونه پئي ته ڪيئن رات گذريل وئي، اڄ آصف جي طبيعت ڪجھه خراب لڳي رهي آهي، جنهن کي سپاهي زبير تنيو اسپتال وٺي ويو، موسم خراب هجڻ جي ڪري ڪيبل سروس به بند ٿي وئي آهي، غلام حسين نوابشاهه واري قيدي سان ڪچهري ڪندي اسان جي ڀاءُ گلزار وساڻ کي ياد ڪري جذباتي ٿي ويو آهي جنهن کي مون آٿت ڏيندي چيو ته فڪر نه ڪر گلزار جلد آزا دٿي ويندو، غلام حسين چوڻ چوڻ لڳو ته 8 مهينن ۾ ته هُن جي ڪيسن جو ڪجھه به ناهي ٿي سگھيو هاڻ ڀلا ڪڏهن ڪجھه ٿيندو. غلام حسين جي ان ڳالهه تي نواز ماڇي چيو ته جلدي جو ڪم ته شيطان جو هوندو آهي، ماڇي جي ان ڳالهه تي سڀني کان ٽهڪ نڪري ويا، آصف به واپس اچي پهتو، عبدالله شيخ کان پراٺاخريد ڪري دوستن کي کارايم، عبدالله چيو ته حيف ۽ اشرف پهوڙ منهنجو قرض واپس نٿا ڏين، آصف مُرڪي هُن کي چيو ته اهي پئسا تون مون کان وٺجانءِ. لنچ وعيره ڪري پسار لاءِ نڪتاسين، موسم ڏاڍو پيارو هو هر طرفان پکين جي اڏام جا منظر نظر اچي رهيا هئا، منهنجي ذهن ۾ پنهنجو سٽون تري آيون.

مولا ڪر پکي يا ڏي کپين جھڙا پر

اُڏامي اتي وڃان جتي هجن محبوبن جا در

مولا ايترو ويجھو ڪر، جو منهن ڏسي موٽي اچان.

دلدار علي بخش وساڻ/سينٽرل جيل حيدرآباد

منڇر جو اوج ۽ آهون!

(حصو ٻيون)

ڪڻڪن جي پوکائيءَ وقت ٻاهرينا ماڻهو مال ڪاهي منڇر جي گاهه تي اچي وٿاڻ اڏي ويهندا هئا، ڪڻڪ جي لاباري لاءِ جابلو ماڻهو مري، بروهي، لورا، لاباري لاءِ وڏي تعداد ۾ ايندا هئا ۽ گرڪڻو مياڻ ۾ جمعي ڏينهن گھوڙن جي ڊوڙ جو مقابلو پڻ ٿيندو هو ۽ هر روز شام جو گرڪڻو مياڻي ۾ ميلو راڳ رنگ ٿيندو هو ۽ ملاکڙو پڻ ٿيندو هو، هر طرف خوشيون هيون، خدا ڄاڻي ته منڇر ڍنڍ کي ڪنهن درويشن جي بددعا يا ڪا بد نظر لڳي وئي، جنهن ڪري نه رهيو پاڻي مٺو نه رهيو نه مڇي نه پکي، لوڙهه، ڪم، لوڙهه پوراڻي، پٻڻ‏، ڏوڏو، ويارو، بيهه، ٻوراني، اهو منڇر جنهن کي چورا پال چوند اهئا، اڄ ويران آهي، منڇپر جا ماڻهو ملاح ته ٻين صوبن ۾ مڇي ماڙڻ لاءِ ٻچا وٺي اباڻو وطن ڇڏي ويا، پر بوزدار، جمالي، ڀلائي، شِخ، پرڪياڻي وغيره لڏي ويا، مال مري ويا، اها ساوڪ اها پکين جي جھونگار ٻوليون، اها مڇي الله ڄاڻي ته ڪيڏانهن هلي وئي آهي، هيءَ دنيا فاني آهي، رب پاڪ کي سوال آهي ته رب پاڪ منڇر کي وري آباد ڪري ته اباڻا وٿاڻ ڏسي پوءِ مران، الله مون کي جيل کان آزادي نصيب ڪري، منهنجي وس وارن کي اپيل آهي ته ڪو وزير، ڪو وڏيرو، ڪو جسٽس صاحب ڪو انساني حقن جو نمائندو، هن طرفن ڌيان ڏئي، منڇر کي مٺو پاڻي ڏنو وڃي، منڇر جي ملاحن جي ٻچن کي بکن کان بچايو وڃي، جيڪي معصو ٻچا ماني جي ڳڀي ڳڀي لاءِ ليلائي رهيا آهن.(جاري)

حاجي غلام حسين ڀلائي عرف حاجي ڀلائي/ سينٽرل جيل حيدرآباد

ڏکارو قيدي ۽ پوندڙ برسات!

برسات به رب جي رحمتن مان هڪ رحمت آهي، اڄ ڪافي وقت کان پوءِ مون کي هن زندان جي ڪال ڪوٺڙين جي برسات ۾ وهنجڻ جو موقعو مليو، تڏهن آئون پنهنجي قيدي دسوتن سان گڏ پسار ۾ برسات جو مزو ورتو. هڪ ڪلاڪ جي پسار ۾ پورن ستن سالن جو مزو هن برسات مان ورتو، ڇو ته اسين قيدي اڪثر زندان ۾ برسات دوران بند هوندا آهيون ۽ قسمت سان برسات ۾ وهنجڻ جو موقعو نصيب ٿيندو آهي، پر اڄوڪي برسات صبح عصر مهر شروع ٿي هئي ۽ تقريبن اها برسات صبح ڏهين وڳي تائين جاري رهي، تڏهن اسان کي برسات ۾ نڪرڻ جو موقعو ملي ويو، هي زندان تمام ڏکي جاءِ آهي، شل هن زندان ۾ دشمن به نه اچي، دشمن به ٻاهر ڀلو آهي، هتي ته ڏک، تڪليف کان سواءِ ٻيو ڪجھه به ناهي، رڳو سور ئي سور آهن، ڪڏهن به جيل ۾ آئون برسات جي وسڻ کي ڏسندو آهيان ته ان ڏينهن هن زندان ۾ مون کي ڄامشورو درياهه، سنڌ جي ڪپر تي قائم ماڳ المنظر جي ياد ضرور ايندي آهي، جتي آئون پنهنجي دوستن سان گڏ تفريح لاءِ ويندو هئس، جتي پلو مڇي دوستن سان گڏ ويهي کائيندو هئس، جتان جو پلو تمام مشهور آهي، اڄ کان لڳ ڀڳ 7 سال اڳ آخري ڀيرو المنظر تي پلو کائڻ پنهنجي هڪ پياري دوست باري شيخ سان گڏ ويو هئس، تڏهن پلو ان وقت المنظر تي هڪ هزار رپين ۾ ملندو هو  ۽ اڄ اهو اسان کي 2300 رپين ۾ به نه ملندو. هن زندان ۾ پاڻ کي ڄامشورو درياهه جي اها پڪل مڇي ته ڪانه ملندي پر گھرائي ته سگھون ٿا، اڄوڪي برسات مون کي ڪافي يادگيريون ڏياري وئي، رب پاڪ کان دعا آهي ته ايندڙ سانوڻي جي برسات مون کي جيل کان ٻاهر ڄامشوري درياهه سنڌ جي ڪپر تي پراڻن دوستن سان گڏ المنظر تي نصيب ڪري. آمين.

سردار محمد ايوب بروهي/سينٽرل جيل حيدرآباد

بي ايڇ يو شامل انڙ ۾ ويڪسينٽر مقرر ڪيو!‎‎

ضلعي شھيد بينظير آباد تعلقي سڪرنڊ ويجھو گھنڊيا بيسڪ ھيلٿ يونٽ شامل انڙ صحت مرڪز ۾ غريب عوام کي ڪو به لاڀ نه پيو ملي، بيسڪ ھيلٿ يونٽ شامل انڙ صحت مرڪز جي آسپاس جا ننڍا وڏا 20 کان 25 ڳوٺ ٿيندا جن جي آبادي لڳ ڀڳ 90 ھزار کان 1 لک آهي، بيسڪ ھيلٿ يونٽ شامل انڙ صحت مرڪز ۾ 8 سال اڳ ننڍڙن معصوم ٻارن لاءِ حفاظتي ٽڪن جي سھولت موجود ھئي، ليڊي ھيلٿ ورڪرن جي پوليو جي ميٽنگ به ٿيندي ھئي پر ويڪسينٽر به موجوده ھو، اسپتال جي عملي جي ملي ڀڳت سان اڳوڻي ڊي ايڇ او بھادر خان کيڙي ويڪسينٽر کي بدلي ڪري ڇڏيو هو، جڏهن ته پوليو ويڪسين ۽ حفاظتي ٽڪن جو فرج به موجود هو، اھو اڳوڻي ڊي ايڇ او بھادر کيڙو کڻائي ويو، ھن علائقي جا غريب بي پھچ مسڪين مزدور ھاري پنهنجن ننڍڙن معصوم ٻارن کي حفاظتي ٽڪا لڳرائڻ لاءِ خرچ ڪري محرابپور يا مجيد ڪيريو يا سڪرنڊ وڃن ٿا، اسپتال بيسڪ ھيلٿ يونٽ شامل انڙ اسپتال کي EPI جو درجو ڏئي حفاظتي ٽڪن جي لاءِ ويڪسينٽر مقرر ڪري فرج مهيا ڪيو وڃي جيئن شامل انڙ اسپتال جي ليڊي ھيلٿ ورڪرن کي ميٽنگ لاءِ يا پوليو دوائون حفاظتي ٽڪن جون دوائون کڻڻ کان بچايو وڃن، ڀرپاسي جي ڳوٺاڻن وس وارن اعليٰ اختيارن ھيلٿ منسٽر صحت عذرا افضل صاحبه وزيراعليٰ سنڌ، ڊي جي ھيلٿ، ڊپٽي ڪميشنر شھيد بينظيرآباد، ڊي آيڇ او ھيلٿ شھيد بينظيرآباد کان مطالبو ڪيو آهي ته بيسڪ ھيلٿ يونٽ شامل انڙ اسپتال ۾ ويڪسينٽر مقرر ڪيو وڃي.

منظورعلي زرداري/سڪرنڊ

دوائن جي قيمتن ۾ اضافي تي مريض پريشان!

موجوده حڪومت جي ناڪاميءَ ۽ معاشي پاليسين، عوام دشمن قدمن جن هاڻي مريضن لاءِ دوائن جي خريداري کي به ناممڪن بڻائي ڇڏيو آهي، گذريل هڪ سال دوران دوائن جي قيمتن ۾ 200 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي. شگر جي مرض جي لاءِ عام استعمال ۾ ايندڙ دوا ايمرل جي قيمت ۾ 140 رپيا اضافي سبب شگر جي مريضن کي پريشان ڪري وڌو آهي. تنهن سان گڏ ٻين مرضن جي دوائن ۾ پڻ ڏينهون ڏينهن اضافو ٿيندو رهي ٿو. ايمرل جي دٻي جي قيمت 326 رپيا هئي جيڪا نئين قيمت 466 رپيا ۾ وڪامجي رهي آهي. ان سان گڏ مِني بجيٽ کان پوءِ دوا ساز ڪمپنين دوائن جو مصنوعي بحران پڻ پيدا ڪيو آهي. وزيراعظم کي فوري طور تي دوائن جي قيمتن ۾ گهٽتائي جو اعلان ڪرڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ملڪ ۾ حد مهانگائي ۽ ڏينهون ڏينهن عام استعمال ۾ ايندڙ شين جي اگهن ۾ واڌ عوام کي پريشان ڪري ڇڏيو آهي. لڳي ايئن رهيو آهي ته موجود حڪومت جون ناڪام معاشي پاليسيون ۽ عوام دشمن قدم هاڻي غريب عوام جي برداشت کان ٻاهر آهن، ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته هن وقت وزيراعظم کي کپي ته دوائن جي قيمتن ۾ گهٽتائي جو اعلان ڪري.

محمد اسلم ماڪو/پنوعاقل

غربت جا ماڻ ماپا ۽ مسڪين ترين ماڻهو!‎‎

اسين ڪڏهن ڪڏهن پنڻ واري ڪنهن ماڻهو کي غريب سمجهندا آهيون ته ڪڏهن سئو اٺ ڪاهي لاڙ کان اتر ويندڙ ڪنهن رٻاري کي امير پيا ليکيندا آهيون، ڇو جو اسان جي سماجي سوچ ايئن ٺهيل آهي ته “جنهن وٽ گهڻي ملڪيت آهي سو امير آهي” سادي ڳالهه آهي ته اسان وٽ غريب ان کي تصور ڪيو وڃي ٿو، جنهن وٽ اثاثا ناهن ۽ جنهن وٽ ججها اثاثا آهن سو امير آهي. ٻڌائيندو هلان ته اهو تصور ۽ معيار سوين سال پراڻو آهي، جديد دنيا ۾ غربت جا معيار الاهي مختلف آهن، غريب ته هن دنيا ۾ اهو آهي جنهن وٽ تعليم ناهي ۽ پوءِ جنهن وٽ جيتري ڄاڻ ۽ علم آهي اهو اوترو امير آهي ۽ جديد دنيا ۾ ته معيار زندگي جي وڏي اهميت آهي. يعني هڪ ٿريي وٽ سئو ڍڳيون هڪ ڪروڙ جي ماليت جون ته آهن پر هن جي ٻارن کي تعليم نٿي ملي ۽ بنيادي حقن تائين رسائي ناهي نه چڱو گهر آهي نه جديد معلومات تائين ۽ سهولتن تائين رسائي آهي ته پوءِ اهو هن دور جو غريب ترين فرد ليکبو پر ترقي يافتا دنيا جو اهو ٿيلهيون ۽ بوتلون چونڊيندڙ ماڻهو به امير آهي جنهن کي بنيادي حق ۽ سمورين سهوليتن سان گڏ سندس ٻارن کي تعليم ملي پئي. سو هتي طئي اهو ڪرڻو آهي ته ڇا اسان ننڍي کنڊ جي وڏيرن ۽ هارين کي انڊسٽرئلسٽس ۽ مزدورن کي واپارين يا ملازم پيشا ماڻهن ۽ انهن سڀني جي ٻارن ۽ عورتن کي ڇا هڪ جهڙا بنيادي حق ملن پيا؟ تعليم، صحت، صاف سٿرو ماحول، عالمي معيار موجب مڪمل خوراڪ ۽ تحفظ ملي پيو؟ ڇا گهراڻن کي بجلي، پاڻي، سماجي تحفظ، آئين مطابق ڪاروبار کان تعليم، سياست کان مذهبي آزادي تائين سمورا حق ملن پيا؟ ڇا عورتون ۽ مرد برابر اختيار ۽ حق رکن ٿا؟

عبدالله شيخ/نيوڇور