سوال/سروي پ پ مان ماڻهو تنگ، پوءِ به کٽي وئي؟ ڌانڌلي ٿي، تشدد ٿيو، ٻئي مرحلي لاءِ سٺي تياري ڪرڻ گهرجي: عوام

0
161
سوال/سروي پ پ مان ماڻهو تنگ، پوءِ به کٽي وئي؟ ڌانڌلي ٿي، تشدد ٿيو، ٻئي مرحلي لاءِ سٺي تياري ڪرڻ گهرجي: عوام

  ڊيلي پنهنجي اخبار جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته سنڌ جي 14 ضلعن ۾ پهرين مرحلي ۾ مڪاني چونڊون ٿي ويون، ان دوران پيدا ٿيل صورتحال ۽ آيل نتيجن کي اوهان ڪيئن ٿا ڏسو؟ جنهن تي اڪثر ماڻهن چيو ته چونڊن ۾ سيڪيورٽي جا انتظام بهتر نه هئا، ڌانڌلي به ٿي، سرڪاري مشينري استعمال ٿي، اهو به چيو ويو ته هي اليڪشن نه پر سليڪشن هئي، چونڊون صحيح نه ٿيون، پ پ ڌانڌلي سان کٽيو آهي، آزاد اميدوار ۽ قومپرستن جي ڪاميابي سٺو سنئوڻ آهي، سنڌ جو شعور جاڳيو آهي، مڪاني اليڪشن ۾ پ پ جا اميدوار ائين ڪامياب ٿيا جيئن ڪورونا ۾ بنا امتحان جي ٻار پاس ٿيا هئا، مڪاني چونڊ جي ٻئي مرحلي لاءِ بهتر انتظام ۽ تياري ڪرڻ گهرجي، خاص طور بدين ۾ سيڪيورٽي جا انتظام بهتر بڻايا وڃن، سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي علي عباس جمالي لکيو ته لعلورائنڪ ۾ پيپلزپارٽي کي بُري شڪست ملي آزاد اميدوار کٽي ويو، پيپلزپارٽي ختم ٿيندي نظر پئي اچي. عابد ڀٽي لکيو ته هي اليڪشن خوني اليڪشن ٿي گذري ڪيترائي ماڻھون قتل ٿيا آھن باقي اليڪشن شفاف نموني ٿي آهي،

حامد علي لکيو ته اليڪشن بھترين ٿي مجموعي طور، برادري سسٽم مخالفت جي ڪري ڪٿي ڪٿي مسئلا ٿيا، پولنگ اسٽيشنن ۾ ھر بوٿ تي ھر پارٽي جو ايجنٽ ھوندو آھي ڌانڌلي چوڻ پوءِ اجايو آهي، ساجن پرمار لکيو ته سليڪشن ھئي، ھر ھند افراتفري ۽ خوف وارو ماحول ھو، انتظاميا جي رٽ ڪٿي به نظر ڪونه آئي. ڪيترائي ووٽر اھڙو ماحول ڏسي بغير ووٽ جي واپس به ھليا ويا. محمد موسيٰ کٽي لکيو ته سنڌ ۾ 14 ضلعن ۾ پهرين مرحلي ۾ چونڊون صحيح ڪونه ٿيون ان جي ڪري پيپلزپارٽي ڌانڌلي کان سواءِ کٽيندي ڪونه ڇو جو ٻيون پارٽيون آهن، چونڊون ٿين ٿيون ڪيترائي ماڻهو زخمي يا فوت  ٿين ٿا افسوس آهي، پ پ ڌانڌلي کانسواءِ نه کٽيندي، آزاد اميدوار کٽيندا، پ پ مان ماڻهو تنگ آهن، الله خير ڪري بدين جو ايندڙ اليڪشن جو ڇا ٿيندو؟ اليڪشن ڪميشن کي گهرجي ضلعي بدين ۾ پرامن نموني سان اليڪشن ڪرائي وڃي، آزاد ۽ شفاف اليڪشن جا انتظام ڪيا وڃن. اياز علي راهوجو لکيو ته اليڪشن ڪميشن کي درست بندوبست ڪرڻ گھرجي ها ته جانيون بچائي سگھجن پيون باقي ڌانڌليون ھر دور ۾ٿينديون رھنديون آھن، اسامه سنڌي لکيو ته اگر سچي اليڪشن ٿي ته آئون سمجهان ٿو ته پ پ وارا روڊ تي ڇولا کپائيندا،

قربان ديناڻي لکيو ته ھي سليڪشن ھئي اليڪشن بدترين ڌانڌلين سان گزري عوام جو پوليس سان مقابلو هو پ پ سان مقابلو هو جن اليڪشن کي هاءِ جيڪ ڪيو هو،اھڙي اليڪشن ڪرائڻ تي حڪومت کي شرم اچڻ گھرجي. ممتاز علي سميجو لکيو ته اليڪشن بهتر ٿي پر اڃان وڌيڪ بهتر ڪيو وڃي جئين ڪوبه اليڪشن کانپوءِ ائين نه چوي ته ڌانڌلي ٿي، علي اصغر قيصراڻي لکيو ته چونڊون ته اصل ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ ٿينديون، بشير ميراڻي لکيو ته صورتحال تمام گهڻي سنگين هئي، حڪومت پاران ڪي به سيڪيورٽي جا قدم نه کنيا ويا هئا، جيڪڏهن ٻئي مرحلي ۾ به ائين ٿئي ٿو ته حڪومت پاڻ ذميوار هوندي، باقي نتيجو اهو ئي نڪرندو جهڙو اڳ اليڪشن ۾ ٿيندو آهي، حڪمران جماعت هارائي پوءِ به کٽي وڃي ٿي.علي گوهر سومرو لکيو ته حڪومت به پ پ جي اليڪشن به پ پ جي آفيسر به انهن جا ماستر به انهن جا اسان به انهي نظر سان ڏسون پيا جنهن نظر سان هو اسان کي ڏسندا آھن، پرڪاش ڪمار هيراڻي لکيو ته هن اليڪشن ۾ پ پ جا اميدوار ائين ڪامياب ٿيا جيئن ڪورونا ۾ بنا امتحان جي ٻار پاس ٿيا هئا. ڪليم رانا ڀيو لکيو ته ڪنڌڪوٽ يوسي ددڙ تي پيپلزپاٽي وارن پنھنجي مرضي واري جڳھه ڪچي ۾ پولنگز رکرايون. اها ڳالهه سامهون آئي آهي ته اليڪشن واري ٽائيم ووٽرن کي تشدد جو نشانو بڻايو ويو، عملي کان بيلٽ پيپر ڦريا ويا، ڌانڌلي ذريعي پنھنجي اميدوارن کي ووٽ ڏياريا ويا،

نياز حيدري لکيو ته وارهه ۾ سرعام ڌانڌليون ٿيون سيڪيورٽي نالي ڪا شيءِ نه هئي جنهن ڪري مون ٽائون جي وارڊ 10تي پ پ شھيد ڀٽو جي اميدوار طور چونڊن جو بائيڪاٽ ڪيو، خاموش خليل شر لکيو ته فيض گنج ۾ به اليڪشن جو ماحول ڪٿي سٺو ته ڪٿي بد نظمي ڏسڻ ۾ آئي، فيض گنج ۾ پيپلز پارٽي کي وڌيڪ سيٽون مليون. ساز پروڊڪشن آءِ ڊي تان لکيو ويو ته هر حڪومتي حربو هلائي ووٽ وٺڻ اليڪشن ناهي، قادر بخش زئور لکيو ته اليڪشن جھموري عمل ھو ان ۾ تشدد جھڙيون ڪارروايون ٿيون باقي اليڪشن ۾ يقيني طور تي جيڪو به ھارائي ٿو اھو ائين ئي چوندو ڌانڌلي ٿي، حافظ آزاد سهندڙ لکيو ته جيڪب آباد ۾ پ پ وارن مبينا ڌانڌلي ڪري زوري ٺپا هڻي ڪامياب ٿيا آهن هر هڪ پولنگ تي ويڙهه ڪرائي وئي آهي خدارا حڪومت کان مطالبو آهي ته جيڪڏهن بلدياتي اليڪشن ڪرائي وڃي ته فوج جي نگراني ۾ ڪرائي عوام جو رت پاڻي وانگر نه وهايو وڃي، سنتوش ڪمار لکيو ته اليڪشن ڪميشن کي بهتر انتظام ڪرڻ گهرجن، فقير عبدالستار جمالي لکيو ته انتظام سٺا نه هئا، پ پ مبينا ڌانڌلي سان کٽيو، الله بدين ۾ ايندڙ اليڪشن جو خير ڪري. آسودومل لوهاڻو لکيو ته پٿورو شھر ۾ اليڪشن پرامن طريقي سان ٿي ڪوبه اڻوڻندڙ واقعو ڪونه ٿيو، پرتاب سنگهه سوڍو راجپوت لکيو ته سڄي سنڌ ۾ سرعام پ پ ڌانڌلي ڪئي، ممتاز بروهي لکيو ته اهڙي اليڪشن کي اليڪشن چئو ٿا؟ احمد علي به سروي ۾ حصو ورتو،

جاويد علي چانڊيو لکيو ته جن کي به جتي موقعو مليو انهن اتي پنهنجي من ماني ڪئي  هالار ياسين لکيو ته گهڻو نه ئي صحيح، پر سنڌ جو شعور جاڳيل نظر ضرور آيو، واحد بخش لکيو ته اسان جي شھر شادي پلي ۾ اليڪشن وارڊ نمبر 1 ۽ وارڊ نمبر 2 ته پ پ کٽي ورتي آهي جتي اليڪشن امن امان قائم رکڻ لاءِ انتظام بهتر هئا، راشد رولاڪ لکيو ته نتيجن ۾ پ پ سرسري حاصل ڪئي آهي. رتوڇاڻ به سامهون آهي. ڀلي ڪير به کٽي عوام جي زخمن تي وري لوڻ ٻرڪيو ويندو. عوام جي سهولت لاءِ ڪي به فنڊز نه هوندا، باغي منصور احمد منڱريو لکيو ته سچي اليڪشن ٿي ته آئون سمجهان ٿو پ پ وارا ڪامياب نه ٿيندا، عبدالستار بلوچ لکيو ته اليڪشن بهتر ٿي پر اڃا وڌيڪ بهتر ڪيو وڃي جئين ڪوبه اليڪشن کانپوءِ ائين نه چوي ته ڌانڌلي ٿي، حاڪم ڪٽوهر لکيو ته ڳڙهي خيرو ۾ اهي ڳالهيون هلي رهيون آهن ته پ پ ڌانڌلي ڪري کٽيو آهي پر پوءِ به ڪيترن ئي هنڌن تي پ پ کي شڪست ملي آهي، اشتياق ورايو لکيو ته ٽائون ڪاميٽي پڪاچانگ جي وارڊ نمبر 9 جو شهري لطيف يونيورسٽي جو شاگرد اياز لطيف شر گذريل 6 مھينن کان کنڀِي گم ڪيو ويو آهي، ان جي بازيابي لاءِ سندس وارثن همدرد دوستن اليڪشن جو بائيڪاٽ ڪيو پر ٽائون جي 9 وارڊن تي بيٺل اميدوارن مان ڪنهن به اچي آٿت نه ڏني، جيڪي پنهنجي شهري جي حفاظت نٿا ڪري سگهن سُڀاڻي اُهي عوام جي ڪهڙي خدمت ڪندا.

مير ڌڻي بخش نصيراڻي لکيو ته سنڌ جي 14 ضلعن ۾ اليڪشن نه پر سليڪشن ٿي قلم 144 جي باجود به هٿيارن جي نمائش جاري رهي عوام مٿان پنھنجي ڏاڍ جو مظاھرو ڪيو  ويو، اليڪشن ۾ ٿيل خونن جو حساب ڪير ڏيندو؟ موهن لال لکيو ته سنڌ جي 14 ضلعن ۾ بي ڊي اليڪشن دوران پيدا ٿيل صورتحال ۾ هڪ ته ٽرن آئوٽ گهٽ رهيو ووٽرن جي خاص دلچسپي ڏسڻ ۾ ڪونه آئي ۽ پولنگ اسٽيشنز تي جهيڙو عام جام هو تنهن ۾ 2 ماڻهو به مارجي ويا، ڪيترائي زخمي ٿي پيا، ڪنڌڪوٽ جي هڪ پولنگ اسٽيشن مان سمورو عملو اغوا ٿي ويو بعد ۾ پوليس ۽ ڌاڙيلن وچ ۾ ڳالهيون ڪامياب ٿيون ۽ عملو واپسي پولنگ اسٽيشن تي پهتو انهي سموري عمل ۾ انتظاميا جي سُستي واضح نظر اچي رهي آهي،باقي نتيجا درست آهن، جنهن کي تقريبن اميدوارن قبول ڪيو آهي. باغي مختيار ميمڻ لکيو ته ان ۾ ڪو به شق ناهي ته پ پ اقتدار سبب کٽيو آهي اهي پراڻا کلاڙي آهن فن رکن ٿا،آزاد اميدوارن ۽ ڪجهه قومپرستن به همٿ ڏيکاري آهي.

سعدالله چانڊيو لکيو ته ھن اليڪشن ۾ جاني نقصان ۽ تمام گھڻا جھيڙا فساد ٿيا سنڌ جي مختلف شھرن ۾ انتظاميا جي غفلت سبب نقصان ٿيا آھن، سنڌ جي شعور پاڻ ملهايو، آزاد اميدوار ۽ قومپرست ڪامياب ٿيا آهن، شيراز چانگ لکيو ته سنڌ ۾ تبديلي ڪر موڙي اٿي آھي، قومي عوامي تحريڪ، ايس يو پي، ايس ٽي پي جو کٽڻ سٺو سنئوڻ آهي. اسد انڍڙ لکيو ته تاريخ جي بدترين اليڪشن هئي اندر ووٽر لسٽون هڪڙيون هيون ٻاهر ٻيون ڪيترائي ووٽر ڪلاڪ لائين ۾ لڳي جڏهن اتي پهچن پيا ته انهن کي واپس پيا ڪري ڇڏين ڪوئي خاص انتظام ڪونه هيو، حاجي خان پنهور لکيو ته سنڌ جو عوام سجاڳ ٿي چڪو آهي، حڪومتي ڌر ڌانڌلي ڪئي، اسد مهراڻوي لکيو ته پھرين مرحلي ۾ بلدياتي الڪشن ۾ ڪاميابي لاءِ حڪومتي ڌُر سرڪاري مشينري وڏي پئماني تي استعمال ڪئي، صدام سنڌي لکيو ته هي اليڪشن ڪونه چئبي سيليڪشن هئي، مدثر کهاوڙ لکيو ته اڪثر پولنگن تي پوليس جي سيڪيورٽي نه هئي، ابوبڪر جوڻيجو لکيو ته سڀ ڪوڙا نتيجا….جمال الدين چنا لکيو ته ٽرن آئوٽ ڏسي لڳي ٿو ته ماڻهن جو سياست تي اعتماد ناهي رهيو، قادر شر لکيو ته مڪاني چونڊن ۾ سيڪيورٽي جا انتظام ڪيا وڃن ها ته نقصان نه ٿئي ها.