۽ جڏھن آئون به جھومڻ تي مجبور ٿي پيس!

 

(حصو ٻيون)

ماڻھن جون جھمريون تاڙيون سيٽيون ۽ نعرا ھجن ٿوري دير تائين مزو ڏسڻ بعد وري اڳتي وڌياسين، ٻئي پاڙي ۾ پھتاسين ته ساڳئي صورتحال ھئي ماڻھن جو وڏو ھجوم وڏي آواز ۾ خان صاحب جي تعريف ۾ گانو ھلي رھيو ھو “جب آئيگا عمران بني گا نيا پاڪستان” ماڻھون نچڻ ۽ جھمرين ھڻڻ ۾ اونڌا ٿيا پيا ھئا، ماڻھن جو جھومڻ ڏسي مون وارو يار مجو موالي به جھومڻ لڳو، آئوم حيران ٿي ويس مون وارو يار نيوٽرل ٿي عمران خان جي شاعريءَ تي نچڻ لڳو، نيٺ کيس ٻانھن کان پڪڙي ھجوم کان ٻاھر وٺي آيس، پڇيومانس تون ڇو ٿو نچين؟ چيائين يار ماڻھن جي خان سان محبت ۽ جذباتي گانو ٻڌي نچڻ تي مجبور ٿيس، خير اتان روانا ٿي ٿورو اڳيان ٻئي پاڙي ۾ پھتاسين ته سڀني جلسن کان وڌيڪ اتي رش ھئي، وڏي آواز ۾ ڀٽي خاندان جي شان ۾ ڳايل گانو “بجان تير بجان الي، توي ڀٽو شھيد نشناني، بجان تير بجان” تي پنڊال ۾ موجود ھزارين ماڻھون نچي رھيا ھئا، ماڻھن جو جوش ۽ جذبو ڏسي مون وارو يار مجو موالي پڻ جيئي ڀٽو جو نعرو ھڻي ھجوم ۾ ڪاھي پيو، جھمريون ھڻڻ لڳو، ھيڏانھن ھوڏانھن نھاريم ته سڀ جھمرين ھڻڻ ۾ مصروف ھئا، آئون اڪيلو ھئس جيڪو تماشو ڏسي رھيو ھئس، مون کي پاڻ کي واندو بيھي تماشو ڏسڻ انتھائي خراب محسوس ٿيو، بس منھنجو دماغ به صفا سن ٿي ويو، مون کي ڪا ڳالھ سمھ ۾ نه آئي ۽ آئون به بنا دير جي جھومندڙ جيالن سان “بجان تير بجان” جي گاني تي رقص ڪرڻ لڳس، گھڻي دير تائين رقص ڪيوسين نيٺ آئون ۽ مون وارو يار مجو موالي ٿڪجي پياسين ۽ جلسو اڌ ۾ ڇڏي گھر طرف روانا ٿياسين، رستي ۾ مون مجو مواليءَ کان پڇيو ته نڀاڳا تون ڪيئن بنا دعوت ۽ پارٽي سان بغير واسطي جي جلسي ۾ جھومڻ لڳين؟ چيائين يار ھي شھيدن جي پارٽي آھي، شھيدن سان پنھنجي بي پناهه محبت آھي، مٿان وري گانو اھڙو ھلي رھيو ھو جنھن جھومڻ تي مجبور ڪيو، مون کي چيائين يار تون ٻڌاءِ ڀلا تون ڪيئن ڪڏي پئين رقص ۾؟ مون چيو يار سچ پڇين ته مون توھان سڀني کي رقص ڪندي ڏٺو، مون کي ڳالھ سمجھ ۾ نه آئي، سوچيم اڪيلو بيٺڄو بڇڙو ٿيو ٿيا ڀلا جيئن گھڻن جي صلاح بس آئون به رسمي طور اوھان سان گڏ جھومڻ تي مجبور ٿي پيس.

 

اسماعيل بھلڪاڻي/تنگواڻي

پيءُ جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي!

 

ھر سال 20 جون تي والد جو عالمي ڏينھن ملھايو ويندو آھي، جنھن جو مقصد دنيا ۾ پيءُ جي عظيم ھستي کي ڀيٽا پيش ڪرڻ ۽ اولاد کي ان جو مان ۽ مرتبو جيڪو رب تعاليٰ کيس عطا ڪيو آھي ٻڌائڻ آهي، انھن جي دلين ۾ ان جي عزت ويھارڻ آھي. ماءُ جيان پيءُ به اولاد کي ھن دنيا ۾ آڻڻ جو سبب بڻجي ٿو، اسلام جتي ماءُ جي قدمن ۾ اولاد لاءِ جنت ٻڌائي اتي پيءُ کي جنت جو دروازو قرار ڏنو آهي، ان کان وڏو مقام ٻيو ڪھڙو ٿيندو؟ ماءُ ۽ پيءُ گاڏي جي ٻن ڦيٿن جيان آھن، ماءُ گھر ۾ رھي ٻارن جي پالنا ڪري ٿي ته پيءُ وري گھر کان ٻاھر  پنھنجي خاندان لاءِ خرچ پکي جو بندوبست ڪري ٿو، گرمي، سردي، برسات ۽ سخت حالتن ھوندي به پيءُ پنھنجي اولاد کي سٺو کارائڻ ۽ سٺو پهرائڻ سميت ان جي مسقبل کي سنوارڻ لاءِ پنھنجون سڀ توانائيون صرف ڪري ٿو، سندس رڳو اھا خواھش ھوندي آهي ته اولاد ھميشه آسودو ھجي، ان جي ڪا تڪليف ڪو ڏک ويجھو نه اچي، اولاد جي ٿوري تڪليف به کيس بيچين ڪري ڇڏيندي آھي. ان کي خوش ڏسندو آھي ته سندس سڀ ٿڪ لھي ويندا آھن، پيءُ پنھنجي اولاد لاءِ ڇپر ڇانوَ ھوندو آھي. پيءُ جي اولاد لاءِ ڪيل دعا رد ناھي ٿيندي ۽ ھو ھميشه اولاد لاءِ دعاگو رھي ٿو، پر اڄ جي ھن دور ۾ اڪثر اولاد پنھنجي والدين کي اھا عزت نٿو ڏي، جنھن جا ھو حقدار آھن ۽ ڪيترين جاين تي نافرمان اولاد والدين جي حق تلفي ڪندو آهي، ان پيءُ کي جنھن دنيا جون مصيبتون ۽ ڪشالا ڪٺي پنھنجو رت سڪائي اولاد لاءِ  ايتريون سھولتون مھيا ڪيون ايئن چوي ٿو ته تو مون لاءِ ڪيو ڇا آھي؟ ٿي سگھي ٿو ڪن ڪيسن ۾ پيءُ اولاد لاءِ اھو نه ڪري سگھيو ھجي جيڪو کيس ڪرڻ گھربو ھو پر ان باوجود ان جي نافرماني ڪرڻ يا وڏي آواز سان ڳالھائڻ جي اجازت اسلام نٿو ڏي. اڄ جي نفسانفسيءَ واري دور ۾ والدين ۽ خاص طور پيءُ تي به اھا ذميواري لاڳو ٿئي ٿي ته ھو پنھنجي اولاد جي صحيح تربيت ڪري ۽ کين خراب صحبت، نشي ۽ براين کان پري رکي. سڀني والدين کي گھرجي ته ھو پنھنجي ٻارن جي سٺي تربيت ڪن ۽ اولاد تي اھو فرض آھي ته اھي پنھنجي والدين جي عزت ۽ احترام کي لازم ڪن ۽ فرمانبردار اولاد بڻجن.

 

مجاھد لغاري/ مسڻ وڏي، ٽنڊوالھيار

 

واهي پانڌي جوهي روڊ جي مرمت ڪرايو!‎‎

 

شرم نالي ڪا شيءِ هوندي آهي پر دادو جي حڪمرانن کي اهو ذرو به نه آيو، 10 سالن کان 14 سال اقتدار ۾ رهيا ۽ بجيٽ چمچن ۾ ته ورهائي وئي پر عملي طور واهي پاندي ۽ ان جي آسپاس ٽڪي جو ڪم به نه ٿيو، اهو ئي سبب آهي جو هر ٻئي ڏينهن ڪاڇي جي روڊن تي حادثا ٿين ٿا، هي آهي جوهي کان واهي پانڌي ۽ گورک هل ويندڙ روڊ جيڪو هر روز بلاڪ لڳو پيو آهي تنهن جي باوجود چمچا ڀوتارن جا گيت ڳائيندي نٿا ٿڪن، انهن کي شرم ڪونه ٿو اچي، توهان کي ڪجهه ٿئي به نٿو، روڊن سان توهان جو به گذر ٿيندو آهي ۽ توهان کي خبر به آهي ته ڪاڇي جا ماڻهو پاڻي، بجلي، روڊن سميت بنيادي سهولتون کان محروم آهن. هفتن جا هفتا بجلي بند هوندي آهي، روڊن جو اهو حال آهي، اڃا به توهان آهيو جي ڀوتارن جي نيڪي ڪندي نٿا ماپو.

 

سمير احمد بروهي/ واهي پانڌي، ڪاڇو

 

ڪٿي نااهل ڀوتار بڻيا ڪي، اهل به بيدخل ٿيا!

 

ڪرپٽ حڪمران جون شڪايتون ڪرڻ کان بهتر آهي ته انهن مان جان ڇڏائڻ لاءِ ڪو حل ڳولي وٺون، مثال طور انهن کي چونڊيندڙ بالغ ووٽ بئنڪ کي گهٽائيڻ جو آپشن، بالغ، غلام، لاچار، ووٽرن جا چونڊيل نمائندا ڀلي ڪرپشن، رشوت، مهانگائي ڪري وٺن ۽ زيرو ميٽر گاڏين جا مزا وٺن پر کين تاريخ معاف نه ڪندي، سندن اولاد کان وقت حساب ضرور وٺندو، وقت جا حڪمران صدام حسين، ڪرنل قذافي، مشرف، جي انجام مان سبق حاصل ڪن. پاڪستان ۾ جمهوريت  کي بالغ ووٽ جي ڪري رڳو ڪرپٽ اشرافيه جي اقتدار جي حاصلات لاءِ استعمال ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ عوام لاءِ ڪجھ به ناهي نه وري سول سوسائٽي لاءِ ڪا جاءِ آهي. بالغ ووٽ جي ڪري گذريل اڌ صديءَ کان هڪ بدعنوان، ملزم اشرافيه چونڊجي اچي ٿي، جنهن سرڪاري وسيلا رڳو پنهنجي عياشي لاءِ استعمال ڪيا آهن ۽ ملڪ کي مالي گهوٽالي جو شڪار بڻائي ڇڏيو آهي. بدعنوان ۽ ملزم سياستدانن کان نجات لاءِ بالغ ووٽ جي حق کي ختم ڪرڻ يا محدود ڪرڻ لازمي آهي، بالغ ووٽ جي ڪري تعليم يافتا ۽ سڌريل آبادي جي حڪومت سازي ۾ ڪو به ڪردار نه رهيو آهي، دانشور طبقو بالع ووٽ جي هٿان يرغمال ٿيل آهي. حيدر بخش جتوئي ۽ رسول بخش پليجي واري ساڳي غلطي ڪئي پئي وڃي. هنن ڀوتارن جي غلام بڻيل بالغ ووٽ سان ڪڏهن کين نٿو هارائي سگهجي. رڳو وقت جو زيان آهي، ھر مخالف ڌر کي بالغ ووٽ نامنظور جي تحريڪ هلائڻ گهرجي. بالغ ووٽ جي حق جي ڪري جمهوريت ناڪام ٿي چڪي آهي، ڪرپٽ اشرافيه ۽ مراعات يافتا طبقي سڀ وسيلا ۽ اختيار پنهنجي هٿ وس ڪري ڇڏيا آهن، عوام کي رڳو اقتدار جي حاصلات لاءِ استعمال ڪيو ويو آهي. بالغ ووٽرن جو تعداد جمهوريت جو زوال آهي. ملڪ کي بچائڻ لاءِ بالغ ووٽرن جو تعداد هنگامي بنيادن تي گهٽتائي اڌ ڪرڻ گهرجي، جنهن ڪري جمهوريت ناڪام ٿي چڪي آهي. 12 ڪروڙ ووٽرن جي پولنگ کي شفاف رکي نٿو بڻائي سگهجي نه وري خرچ برداشت جي قابل آهن. بالغ ووٽ، بالغ ووٽر لسٽ، ڪرپٽ سياستدان نامنظور.اشرافيه طبقي جي حڪومت نامنظور. مون سڀ کان پهريان اهو نعرو هنيو آهي، جيڪو ڀوتارن جي اصل طاقت آهي جنھن کان مون انڪار ڪيو آهي “بالغ ووٽ نامنظور” وڌيڪ سماج جو مزاحمتي طبقو ڪم کي اڳتي کڻي سگهي ٿو.

 

غلام شبير کوکر/قاسم آباد

 

مڪاني چونڊون ۽ عملي جي سيڪورٽي وارو سوال!‎‎

 

اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان طرفان سنڌ ۾ بلدياتي اليڪشن ٿي گذري، ڪٿي عوام جون جھڙپون ته ڪٿي وري عوام گھرن مان نڪتو ئي نه، ووٽن جو مجموعي طور ٽرن آئوٽ گھٽ رھيو، مسئلو اھو آھي ته رٽرننگ آفيسرز کان سامان وٺڻ وقت استادن کي ذليل ۽ خواري کي منھن ڏيڻو پوي ٿو، اي سي مختيار ۽ ڊي سي صحيح طريقي سان اليڪشن جي ڪم کي سرانجام ڏئي نه سگھيا. استاد اس ۾ سڙندا رھيا نه گرمي جي موسم ۾ ٿڌي پاڻيءَ جو ڪو جوڳو بندوبست ٿيل هو نه وري ويھڻ جو ڪو فضيلت وارو انتظام هو. سامان سان گڏ پوليس جا سپاھي صرف ٻه ٻه نه انھن کي ھٿيار نه لٽ نه بانٺو، ايئن ھٿين خالي ٻانھون لوڏيندي پي هليا. سنڌي ماڻھن جي ذھنن سائيڪي ۾ پوليس وري ڇا ڪندي؟ ان ڪري سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ جھيڙا جھڳڙا ٿيا، رتوڇاڻ ۽ ڪافي ماڻھو سخت زخمي پڻ ٿيا. مٿن ضلعن ۾ پولنگ عملو به اغوا ٿي ويو. سنڌ ۾ اليڪشن دوران امن امان صحيح نه رھيو، ڇڪتاڻ ۽ ايمرجنسي وارو صورتحال رھي. استادن کي سرڪار سولو سمجھيو آھي، قومي فرض به استاد ئي نڀائيندا آهن باقي ٻيا ڇا ڪندا؟ اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان ۽ حڪومت کي گھرجي ته اليڪشن جو سموري ڪم ۾ فوج مقرر ڪئي وڃي ۽ سامان وٺڻ مھل استادن کي ذليل خوار نه ڪيو وڃي، اھي معاشري کي تبديل ڪندڙ ھٿيار آھن، انھن تعليم ڏيندڙ ۽ پيغمبري پيشي رکندڙ سان اھڙو ورتاءُ سٺو عمل نه آھي.

 

ساگر شفيق وساڻ/ ڳوٺ جھنگو وساڻ

ڳوٺ جواريو ميربحر!‎‎

 

سکر ضلعي جي تعلقي پنوعاقل جي ويجهو هڪ قديم ۽ نالي وارو ڳوٺ جواريو ميربحر واقع آهي جنهن کي سالن کان ترقياتي ڪمن کان محروم رکيو ويو آهي، جنهن جي ڪري ڳوٺ جي نيڪال جو پاڻي روڊن ۽ گهرن ۾ اچي بيهندو آهي، جنهن جي ڪري سموري ڳوٺ جي پيئڻ جو پاڻيءَ جو جر خراب ٿي چڪو آھي، جنهن جي ڪري علائقي واسين ۾ ڪاري ڪامڻ ۽ ٻين ڪيترن ئي چمڙي جي بيمارن جا ڪيس ظاهر ٿيا آهن. 80سيڪڙو ماڻهو بيمارن کان بيحال ٿي چڪا آهن. تنهنڪري اسان TMO ۽ اعلى اختيارين کي نماڻو عرض ٿا ڪريو ته اسان جي اپيل تي عمل ڪري اسان جي ڳوٺ کي بنيادي حق ۽ سهولتون ڏنيون وڃن.

 

شعيب احمد ميربحر/پنوعاقل

 

پنوعاقل ۾ مڪاني چونڊ ۽ پ پ پ اميدوارن جي سوڀ!

 

منهنجو ووٽ پنوعاقل شهر وارڊ نمبر 08 ۾ داخل آهي ۽ آئون وارڊ نمبر 08 ۾ بيٺل اميدوارن مان هڪ اميدوار جنهن اميدوار کي مون کي ووٽ ڏيڻو هو ان کي اليڪشن واري ڏينهن پنهنجو ووٽ ڏئي آيس. ووٽ امانت آهي. جيڪو مرضي سان سوچي سمجهي ڏنو ويندو آهي، جيڪا ڳالهه ووٽرن لاءِ فائديمند ثابت ٿيڻ سان گڏ بهتر هوندي آهي. هن وقت ڳالهه اها آهي ته پنوعاقل ميونسپل جي 16 وارڊن جي اليڪشن ۾ پ پ پ 11 وارڊن تي سوڀاري ٿي آهي. پنوعاقل ۾ واقعي پ پ پ پهريان کان وڌيڪ پنهنجو پاڙون مضبوط ڪيون آهن، جنهن ڪري پ پ پ اميدوارن جي 11 وارڊن تي سوڀ ٿي آهي، جيڪا ڳالهه پنوعاقل ۾ پ پ پ وارن لاءِ خوشي جي ڳالهه چئبي، جنهن ڪري وارڊن ۾ ڪامياب ٿيل اميدوارن خوشي وچان شهر ۾ دهل ڌمامن سان خوشي جو اظهار ڪيو. هاڻي 11 وارڊن تي ڪاميابي مان ظاهر ٿي چڪو آهي ته شهر کي پ پ پ جو ئي چيئرمين ملندو ۽ اهي ڪامياب ٿيل ميمبر پنوعاقل ميونسپل ۾ چيئرمين اڳيان ان جا پنهنجا ميمبر ٿي پنهنجو ڪم ڪندا رهندا. هن خط ذريعي پنهنجي طرفان شهر ۾ وارڊن اندر اليڪشن کٽيل ميمبرن کي مبارڪون ڏجن ٿيون ۽ انهن مان اها اميد ٿي ڪجي ته چونڊيل ميمبر نئين ايندڙ چيئرمين اڳيان پنهنجو آواز پهچائڻ ۽ اٿارڻ سان گڏ پنهنجي پنهنجي وارڊن جي مالڪي ڪرڻ، گهٽين، نالين ۽ روڊ رستا ٺهرائڻ تائين پنهنجو ڪم ڪري ڏيکاريندا ۽ پنهنجي ووٽرن جا ڪم ڪندا رهندا. جيڪا ڳالهه بي لوث ۽ عوامي خدمت ڪندڙ ميمبر ۾ هوندي آهي تنهن سان گڏ پ پ پ قيادت ۽ پارٽي جي اهم اڳواڻن مان هن وقت اها اميد ڪجي ٿي ته اهي پنوعاقل ميونسپل لاءِ هن ڀيري بهترين ۽ ڪم ڪاريون ڪرڻ وارو چيئرمين ڏيندا جيڪو شهر لاءِ ڪم ڪري ڏيکاريندو ۽ پنهنجي ووٽرن جو خيال ڪندو.

 

محمد اسلم ماڪو/پنوعاقل

 

تجربيڪارن جو تباھيون!‎‎

 

ھن وقت عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جي قيمت 107 ڊالر في بيرل آهي، ھڪ بيرل ۾ 159 ليٽر هوندا آهن، جڏهن ته ھن وقت ھڪ ڊالر 210 رپين جي لڳ ڀڳ آهي، ان حساب سان اسان کي 159 ليٽر لڳ ڀڳ 22470 رپين ۾ ملن ٿا ۽ في ليٽر جي قيمت 141 رپيا ٿئي ٿي. حڪومت جيڪو تيل عالمي مارڪيٽ مان 141 رپيا في ليٽر خريد ڪري ٿي اھو اسان کي اڍائي سئو رپيا في ليٽر وڪڻي ٿي، يعني ھڪ ليٽر تي اسان کان 109 رپيا وڌيڪ اوڳاڙيا وڃن ٿا. ٻاھران تيل گھرائڻ تي حڪومت جو في ليٽر وڌ ۾ وڌ 10 رپيا خرچ اچي ٿو، باقي رقم حڪومت جا ٽئڪس آهن ۽ اھا رقم ڪيڏانهن ٿي وڃي ڪا خبر ڪانهي، جڏهن ته ڊالر جي ريٽ کي ھيٺ آڻي اھيو تيل اڃان وڌيڪ سستو ڪري سگهجي ٿو، اڄ اڍائي سئو رپيا في ليٽر ڪرڻ باوجود حڪمرانن جو ڀڀ نٿو ڀرجي، روز روز ھنن جي اگھن ۾ اڃا وڌيڪ اضافو ڪرڻ جا بھانا پيا ڳولين، جڏهن ته ڪجهه مھينا اڳ پوين حڪومت ڪورونا ھوندي يوڪرين روس جنگ ۾ تيل جو اگھ 130 ڊالر تي ھجڻ باوجود پاڪستان ۾ تيل ڏيڍ سئو رپيا في ليٽر ھو. خدارا عوام تي رحم ڪريو انهن کي جي رليف نٿا ڏئي سگھو ته نه ڏيو پر جنهن حڪومت ۾ اوھان مهانگائي مارچ ڪيا ان حڪومت ۾ شين جا جيڪي اگھ ھئا قيمتون انهن اگھ تي ته آڻيو. باقي اوھان جيڪي ڀاشن ڏيو ٿا ته اھو جن پوين حڪومت جو آزار پيدا ٿيل آهي، اسان جا ھٿ مجبور آهن ته ٻيلي اھڙا بھانا پاڻ وٽ رکو، جي ايئن ھو به ته پوءِ پٽڪو ڇو ٻڌو اٿو؟ ڇڏيو ھا پوئين پئي لوڙي ھا ھاڻي اوھان جي سندرو ٻڌو آهي ته ذميوار به اوھان آهيو؟ پنھنجي ذميواري قبول ڪريو ۽ عوام کي رليف ڏيو. گھٽ ۾ گھٽ پوئين حڪومت واري صورتحال ته موٽائي ڏيو، جيئن عوام سک جو ساھ کڻي سگھي.

 

سليم اختر لغاري/ڌڱاڻو بوزدار

 

سٽي ڪورٽ: ڪراچي کي معاملي جو نوٽيس وٺڻ گھرجي!‎‎

 

ڪجھ ڏينھن اڳ آئون پنھنجي صاحب سان گڏ سندس مسئلي سبب ساڻس گڏجي ڪراچي جي صدر واري علائقي سٽي ڪورٽ ويس ته چيڪنگ پوليس جي جاءِ تي ھڪ نامعلوم منھنجي عمر جي نوجوان ڇوڪرو جنھن جي عدالتي پوليس جھڙتي ورتي ته ان نوجوان جي کيسي مان صرف بمبئي مٺي سپارين جون ٻه ٽي کن پڙيون نڪتيون جنھن تي عدالت جي پوليس نوجوان جي معصوميت ۽ اٻوجھ مان فائدو وٺندي کيس چيو ته ھي کائڻ منع آھن، پنج سئو رپيا ڏنڊ ڏي نه ته ٿاڻي تي ھل، ان واقعي دوران پوليس کي منھنجي صاحب چيو ته بابا ھي مٺيون سوپاريون آھن ڪو خطرناڪ مين پري يا گٽڪو ناھي جو توھان ھن غريب تي ٿا ڏنڊ ھڻو، جيڪڏھن قومي صحت جي ڀلائي چاھيو ٿا ته نشو وڪرو ڪندڙن کي سزا ڏيو، ھي عام ماڻھن جيان آھي، ڪو نشو وڪرو ڪندڙن مان ناھي، توھان بيگناھ اھڙن مظلوم ماڻھن مٿان ڪوڙيون ايف آءِ آر داخل ڪري ايمان سميت پنھنجي ورديءَ جو سودو ڇو ٿا ڪيو؟ جنھن تي پوليس اھلڪار شرمندو ٿي نيٺ نوجوان جي جان ڇڏي ڏني ۽ آئون سٽي ڪورٽ جي جج صاحبان کي اپيل ڪندس ته اھڙن واقعي خلاف عدالتي نگران مقرر ٿيل هجن جيڪي پوليس جي اهڙن ڏاڍن جو نوٽيس وٺن ته جيئن عام ماڻھو پوليس جي آزار مان آزاد ٿي سگھن.

 

مظھر علي ٻجورو/ٻيلو سجاول

 

اقليتي اميدوارن لاءِ سيٽن تي رعايت ڏئي خالي سيٽون ڀريون وڃن!

 

تازو ئي آءِ بي اي پاران ورتل ٽيسٽ جي ڪري سنڌ حڪومت وڏي تعداد ۾ تعليم کاتي ۾ ڀرتيون ڪري رهي آهي، جنهن سان استادن جو وڏي تعداد ۾ ٿيل کوٽ ختم ٿيندي. سنڌ حڪومت جي ان قدم کي ساراهجي ٿو. سنڌ حڪومت جي جاري ڪيل ٽيسٽ پاليسي ۾ ردو بدل ٿيندو رهيو آهي. سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ اقليتن پاران به ٽيسٽ ڏني وئي آهي پر سنڌ حڪومت هارڊ ايريا ۽ ڪجھ مخصوص ضلعن کي پاسنگ مارڪس ۾ رعايت ڏني آهي پر اتي اقليتن کي رعايت نه ڏئي مايوس ڪيو ويو آهي. سنڌ جي ڪيترن ئي علائقن ۾ اقليتي اميدوار نه هجڻ ڪري سيٽون اهي خالي رهجي وينديون. سنڌ حڪومت کي گذارش آهي ته اقليتي اميدوارن کي رعايت ڏئي انهن کي 33 سيڪڙو تي پاس ڪري انهن کي مايوس ٿيڻ کان بچايو وڃي، ڇو ته اقليتون به سنڌ صوبي جو حصو آهن، جيڪي معاشي ۽ سماجي حوالي سان پٺتي پيل آهن. ٻي صورت ۾ اقليتن لاءِ مخصوص سيٽون خالي رهجي وينديون. سنڌ حڪومت کي گهرجي ته اقليتن جون مخصوص سيٽون خالي ڇڏڻ بجاءِ اقليتن کي رعايت ڏئي مخصوص سيٽن جو اقليتن کي لاڀ ڏنو وڃي.

 

مير چند اوڏ/ جوهي

سنڌ جي ماڻھن جي معيشت !

 

چوندا آهن ته غربت پيدا ئي نه ٿئي ته ڀلو آهي، ڇاڪاڻ جو غربت به اميريءَ جيان قسمت جو چڪر آهي، جيڪو غريب کي غريب ترين ۽ امير کي امير ترين بڻائي ٿو، غريب غربت جي گھاڻي مان نڪرڻ جا ڪيترا ئي وس ۽ جتن ڪيا وڃن ٿا پر غربت ان جون سڀ راهون روڪيو ڇڏي، غريب وٽ نه پنهنجو اجهو، رڳو اٽي لپ ۾ پورو، نه صحت جي سهولتن تائين سندن رسائي جي ٻارن کي اسڪول موڪلين ته گھر ڪيئن هلائين، جي سرڪاري اسڪول موڪلين ته ڇوڪرا ٻاهر ڪم ڪري جيڪي کڻيو اچن سو ڪير ڪمائي ۽ ڇوڪريون جيڪي گھر سنڀالي ويٺيون آهن سو ڪم ڪير ڪري؟ غريب چو کنڀو ورتو پيو آهي ۽ ان کي هو پاڻ توڙي سڄو معاشرو سندس تقدير سمجهي ٿو لکيئي جو ليک پيو سمجھي، غريب ڄڻ روز ازل کان غربت جو ٺپو پنهنجي حصي ۾ لڳرائي کڻي آيو آهي ۽ کيس سڄي حياتي ان جو بار ڍوئيندي ئي گھارڻو آهي. هڪ پاسي مهانگائي جو جن بي قابو آهي ته ٻئي پاسي وڏيرڪي لانگ ته ٽئين پاسي نه رائي نه رسائي ۽ چوٿين پاسي اڳتي اچڻ ۽ زندگي کي بهتر بڻائڻ جي موقعن جي اڻ هوند ۽ پهچ نه هئڻ، ان کي هر اڀرندڙ ڏينهن ۾ وڌ کان وڌ ڪمزور پيو بڻائي، ڇا اهو سندس نصيب آهي؟ ڇا چڱي قسمت ۽ قدرت به غريب لاءِ نه آهن؟ ڇا غريب لاءِ اهو ئي بهتر آهي ته اهو پنهنجي قسمت جي لکئي کي قبول ڪري، پنهنجي سوڙ آهر پير ڊگھيري ۽ رب جي رضا تي راضي رهي. غربت جو خاتمو تڏهن ئي ممڪن آهي جڏهن دولت گڏ ڪرڻ جي نظام کي ئي پاڙان پٽجي ۽ اهڙو نظام جوڙجي جنهن ۾ چند هٿن ۾ دولت گڏ نه ٿئي.

 

انجنيئر وسيم چنا/سيوهڻ